تازيون خبرون

حج دوران پيش آيل حادثن جا پيرا کڻڻ گهرجن: نسيم بخاري

حصو ٻيو ۽ آخري

حڪومت هن وقت تائين دعوائون ڀل ڪيتريون به ڪري پر حقيقت ۾ ڪو به عوام دوست ڪردار ادا ڪري نه سگهي آهي. حڪومت کي ڪو فڪر نه ڪو الڪو، نه ڪا ڳڻتي نه ڪا بيچيني ۽ پريشاني ناهي. حڪومت ته ڀل حاجي سڳورن جي وارثن لاءِ معاوضا ڏيڻ واريون ڊاڙون هڻي، پر سوال اهو آهي ته ڇا ڪجهه ٽڪا پنهنجي پرين پيارن جو متبادل ٿي سگهن ٿا!؟ حاجي سڳورن جي حوالي سان سرڪار ڪرپشن جي حوالي سان شاندار ڪارڪردگي نڀائيندي آئي آهي. گذريل ڀيري حج اسڪينڊل جا چرچا دنيا جهان ٻڌا ۽ ڏٺا. مجبوريءَ ۾ نه چاهيندي به هڪڙي وفاقي وزير کي وزارت واري قرباني ڏيڻي پئي. مذهبي معاملن وارو اهو وزير يوسف رضا گيلاني جي وزارت اعظميٰ واري دور ۾ جيترو خوار ٿيو اها خواري خدا دشمن کي به نه ڏئي! ان تي لڳل الزام هڪڙي فرد جي بدنامي جو سبب نه هئا پر هن جيڪا سونهاري رکي هئي، اهي ان سونهاري جي سونهن کي به متاثر ڪري ويا. اهو ماڻهو هڪ وڏي حلقي جي نمائندگي ڪري هزارين ۽ لکين ماڻهن کي خطاب ڪندو هو. ان ڪري حج ڪرپشن وارو اسڪينڊل سندس پيروڪارن تي به وڄ وانگر ڪڙڪيو هو اها ڪرپشن هاڻ ايتري ته تيزيءَ سان پکڙي آهي جو هر ڪو ان گنگا مان شنان ڪرڻ جو شوقين ٿو ڏسجي!

سو اهڙي صورتحال ۾ پاڪستاني حاجين لاءِ پنهنجي حڪومت پاران تسلي جوڳا انتظام ڪرڻ وارين دعوائن کي ڪيترو سچ سمجهجي؟ اهي دعوائون جيڪڏهن درست هجن ها ته اڄ حاجي سڳورن جا هزارين خاندان ٻڏتر ۽ ٻائيتال جو شڪار نه بڻجن ها. رياست عوام جي ماءُ هوندي آهي، سعودي عرب ۾ پيش آيل واقعي کانپوءِ وقت جي وزيراعظم کي سمورا دورا ۽ سرگرميون معطل ڪري سعودي عرب پهچڻ کپندو هو، ڇو ته هن جي موجودگي سان ڪجهه وڌيڪ اثرائتا قدم کڄي پئي سگهيا، پر هو صاحب ولايت ويل آهي ۽ اڃا ڏهه يارنهن ڏينهن ٻاهرين ملڪن ۾ آڪسيجن کڻڻ جو ارادو رکي ٿو.

پاڪستان دنيا جي اُها واحد رياست آهي، جنهن کي پنهنجي ماڻهن جي جان ۽ مال جي ڪڏهن به ڪا پرواهه نه رهي آهي ۽ نه وري ڪڏهن ان ذميواري کي حڪومتن پنهنجو فرض سمجهي پورو ڪيو آهي! اهو ئي سبب آهي ته عوام به حڪومتن تي اعتماد نه ٿو ڪري.

سعودي عرب ۾ ماڻهن جي انبوهه هيٺيان چٿجي ويل انسانن جا لاش ڪِرين ذريعي ائين گڏ ڪيا ويا، جيئن پاڻ وٽ مٽي، واري يا بجري کي ڪوڏر سان گڏ ڪيو ويندو آهي. اُهي انسان جيڪي مختلف ملڪن کان حج جي سعادت لاءِ سعودي عرب پهتا هئا، انهن سان اهڙو حشر ۽ انهن جي اهڙي پڄاڻيءَ کي ڇا چئجي؟ سعودي سرڪار کي ايتري سمڪ نه آئي آهي جو واقعو ٿي وڃڻ کانپوءِ وارين حالتن ۾ ڪو ذميواراڻو بيان ڏئي ۽ گهربل ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري. عرب شهزادا ۽ عرب حڪمران اسان جي وڏيرن جيان شاهاڻي ۽ عياش زندگي گذاريندا آهن. ان ڪري انهن ۾ انساني ۽ اخلاقي قدرن جي خوشبوءِ مڙئي گهٽ ئي ايندي آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حج پاليسيءَ جي حوالي سان امڪاني خطرن وارن سڀني معاملن کي نه فقط نظر ۾ رکيو وڃي پر ترجيحي بنيادن تي خطرن جا اهڙا گهنڊ حاجي سڳورن کي اڳواٽ ٻڌايا به وڃن ته جيئن خطري جي گهنٽي وڄڻ شرط اهي احتياطي اپاءَ وٺي سگهن. حاجي سڳورن کي ماضيءَ ۾ پيش آيل سمورن حادثن ۽ انهن جي سببن کان باخبر رکڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته جڏهن کين اڳواٽ اطلاع هوندو ته پڪ سان اهي پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪجهه پاڻ به وِکون کڻندا. هت اهو سوال به اهميت اختيار ڪري ويو آهي ته گذريل 42 سالن کان پيش آيل حاجين سان حادثن بابت هيل تائين سچون پچون حقيقتون ڪيتري ايمانداريءَ سان عوام آڏو اچي سگهيون آهن؟ ڇو ته اهو هڪڙو نقطو ئي اسان کي هزارين حاجين جي حياتي وڃائجڻ وارو ڪارڻ ٻڌائي سگهي ٿو ۽ جن کان آگاهي وقت جي ضرورت به آهي. اسان جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اهڙن واقعن جا وِچور ته وائکا ڪندي آئي آهي، پر بدقسمتي سان سبب گهٽ ئي سامهون آيا آهن، جيستائين سبب واضح نه ٿا ٿين، تيستائين ڪنهن به نتيجي تي پڄڻ ڏاڍو مشڪل هجي ٿو، ان ڪري اسان جي ذميواري آهي ته پاڻ اهڙي بحث مباحثي واري فضا جوڙيون، جيڪا حج دوران حادثن ۾ هزارين حاجين جي موت جا ڪارڻ ڳولهي ۽ جيڪي به ذميوار ڌريون آهن، تن جو گهيرو تنگ ڪريون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *