تازيون خبرون

بيجنگ ۾ سي پيڪ ڪميٽي جو اجلاس: ڪراچي سرڪلر ريلوي سي پيڪ ۾ شامل

ڪراچي (اين اين آءِ) چين جي انتظاميا اصولي طور تي سنڌ صوبي جي ٽن اهم رٿائن ڪراچي سڪيولر ريلوي، ڪيٽي بندر، ڌاٻيجي خاص اقتصادي زون کي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي-پيڪ) ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو فيصلو اڄ سي-پيڪ بابت جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي (جي سي سي) جي ڇهين اجلاس ۾ ڪيو ويو، جيڪو اڄ بيجنگ ۾ اين ڊي آر سي عمارت ۾ گهرايو ويو هو. چين جي وفد جي سربراهي وائيس چيئرمين مسٽر وانگ زيائو تائو (Mr. Wang Xiaotao) جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران وفد جي اڳواڻي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪري رهيو هو. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ صوبائي صنعت وارو وزير منظور وساڻ، ٽرانسپورٽ وارو وزير سيد ناصر شاهه، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، توانائي شعبي وارو سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ طحهٰ فاروقي ۽ ٻيا شامل هئا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي سرڪيولر ريلوي (ڪي سي آر) بابت پنهنجو ڪيس پيش ڪندي چيو ته ڪراچي شهر جي ڳڻپ آباديءَ جي لحاظ سان دنيا جي وڏن شهرن ۾ ٿيندي آهي، 2016ع ۾ ان جي آبادي جو ڪاٿو اٽڪل 25.1 ملين لڳايو ويو آهي، جيڪو ٽوڪيو، گوانگ زو، سيول، دهلي، ممبئي، ميڪسيڪو سٽي، نيويارڪ، سائوپالو، منيلا ۽ جڪارتا کان وڌيڪ آهي. هن شهر جي آبادي 2030ع ۾ 34.3 ملين تائين پهچي ويندي، انڪري ان شهر ۾ سيڙپڪاري جي لحاظ کان وڏا موقعا موجود آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهر ۾ موجود سهولتن جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ڪراچي ۾ رجسٽرڊ 3.9 ملين گاڏيون آهن ۽ هر ڏينهن 24 ملين ماڻهو سفر ڪندا آهن. هن چيو ته 192 هنڌن تان مختلف سائيز جون 6457 بسون هلي رهيون آهن، ان کانسواءِ 2715 ڪنٽريڪٽ ڪيرج جهڙوڪ بسون ۽ ڪوچز آهن. انهن مان 85 سيڪڙو يا اٽڪل 5400 بسون ٻن ورهين کان وڌيڪ پراڻيون آهن، جنهن جو مطلب فيول جواستعمال تمام وڌيڪ آهي ۽ خدمتون بلڪل خراب آهن. هن ٽريفڪ واليوم ۽ ادخل (قبضي) جي شرح بابت ڳالهائيندي چيو ته 4.5 سيڪڙو سمورين گاڏين (عوامي ٽرانسپورٽ) ذريعي 42 سيڪڙو مسافرن کي سهولت مهيا ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته 36.5 سيڪڙو سمورين گاڏين جو (خانگي ٽرانسپورٽ) وسيلي 21 سيڪڙو مسافرن کي سهولت مهيا ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي وڏي وزير گاڏين جي واليوم جي ورهاست بابت ٻڌائيندي چيو ته 74.3 سيڪڙو موٽرسائيڪلون، 36.5 سيڪڙو خانگي گاڏيون، 9.9 سيڪڙو پيرا ٽرانزٽ، 4.5 سيڪڙو پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ 1.7 سيڪڙو ڪنٽريڪٽ ڪيرج آهي. هن چيو ته هاڻي اسان مسافرن جي ڊسٽريبيوشن ڪنداسين ته خبر پوندي ته 42 سيڪڙو مسافر پبلڪ ٽرانسپورٽ، 21 سيڪڙو خانگي گاڏين، 19 سيڪڙو موٽرسائيڪلن، 10 سيڪڙو ڪنٽريڪٽ ڪيرج ۽ 8 سيڪڙو پيرا ٽرانزٽ استعمال ڪندا آهن. ڪراچي ماس ٽرانزٽ (ڪي آر سي) جي مختصر تاريخ ٻڌائيندي هن چيو ته ان جي ابتدا 1964ع ۾ ٿئي ۽ اهو ٽرانسپورٽ جو نظام 1984ع تائين موئثر رهيو، پر ڪيترن ئي سببن جهڙوڪ رننگ ٽائيم ۾ واڌ ۽ سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي سبب ان جو آپريشن بري طرح متاثر ٿيو، جنهن ڪري ان ۾ سفر ڪندڙن ۾ گهٽتائي ايندي وئي ۽ آخرڪار 1999ع ۾ انکي بند ڪيو ويو. هن چيو ته مسئلن جو حل هڪ موئثر ماس ٽرانزٽ سسٽم ۾ آهي، جنهن ۾ ڪراچي سرڪيولر ريلوي (ڪي آر سي)، بس ريپڊ ٽرانزٽ سسٽم (پي آر ٽي ايس) ۽ لائٽ ريل ٽرانزٽ جي بحالي آهي. ڪي سي آر جي باري ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ست لک روزانو سواري ڪندڙ عوام اهو مطالبو ڪيو آهي. ان رٿا جي ايڪنڪ جي منظوري ڏني آهي، ان جي فزيبلٽي اسٽيڊي ٿرڊ پارٽيءَ مڪمل ڪئي آهي. ان جو انوائرمينٽل امپيڪ اسسمنٽ (اي آءِ اي) به ڪيو ويو آهي، يوٽيليٽي سروسز جي ري-ايلوڪيشن جي ضرورت نه آهي، ڪي-اليڪٽرڪ بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهميءَ جو يقين ڏياريو آهي ۽ ان کي وفاقي ۽ صوبائي ٽيڪسز کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، ان کي بي آر ٽي ايس لائين سان گڏ ڳنڍيو ويو آهي ۽ ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ڪمپني (ڪي يو ٽي سي) جي صورت ۾ ادارتي فريم ورڪ پڻ موجود آهي. سيد مراد علي شاهه وقت جي بچت جي حوالي سان ڪراچي سرڪيولر ريلوي بابت ٻڌايو ته ڪي سي آر نارٿ ناظم آباد کان ڪراچي ڪنيٽ تائين 28.20 منٽن وٺندي، جڏهن ته بس 56.25 منٽ وٺندي آهي. نيپا کان بلديا ڪي سي آر 23.2 منٽ وٺندي، جڏهن ته بس 60.35 منٽ وٺندي آهي. ڪي سي آر ڊرگ روڊ کان ڪراچي سٽي تائين 19 منٽ وٺندي، جڏهن ته بس 65.50 منٽ وٺندي آهي. ڪي آر سي بلديا کان ڪراچي سٽي تائين 10 منٽ وٺندي، جڏهن ته بس 49.25 منٽ وٺندي، اهڙي ريت بلديا کان ڊرگ روڊ ڪي سي آر 28 منٽ وٺندي جڏهن ته هڪ بس 83.40 منٽ وٺندي آهي. هن چيو ته جاپان ڪي سي آر جي لاڳت جو ڪاٿو اٽڪل 2609 ملين ڊالر لڳايو هو ۽ ان جو مالي اسٽريڪچر تيار ڪيو ويو هو، جنهن تحت 85 سيڪڙو قرض ۽ 15 سيڪڙو سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي ايڪيوٽي هئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان جي معاشي ۽ مالياتي اوسر بابت ٻڌايو ته ان جو اقتصادي آءِ آر آر جو ڪاٿو 13.8 سيڪڙو لڳايو ويو آهي، معاشي فائدن ۾ وهيڪل آپريشن ڪاسٽ (وي او سي) ۽ ٽريول ٽائم ڪاسٽ (ٽي سي سي) ۾ گهٽتائي شامل آهن. هن سيڙپڪارن کي دعوت ڏني ته اهي پاڪستان/سنڌ حڪومت سان گڏجي ايڪيوٽي ۾ ڀاڱيواري ڪن. پنهنجي پريزنٽيشن جي آخر ۾ سيد مراد علي شاهه ان رٿا کي سي-پيڪ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ چين کي سهڪار ڪرڻ جي درخواست ڪئي، وزيراعظم ان رٿا کي سي-پيڪ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي ۽ ان جي مجاز گارنٽي ڏيڻ جو پڻ يقين ڏياريو آهي. جي سي سي واري اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ان رٿا کي سي-پيڪ ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ سنڌ حڪومت کي چيو ته هُو ٽن مهينن جي اندر ان جي فزيبليٽي پيش ڪري. ان تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي ٽرانسپورٽ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه کي هدايت ڪئي ته هُو فزيبليٽي کي مقرر ڪيل مدي اندر مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم جي رفتار کي تيز ڪري.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *