تازيون خبرون

بهادر آباد گروپ جو اجلاس غير قانوني قرار، فاروق ستار جو سينيٽ جي اميدوارن جي چونڊ تان هٿ کڻڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار سينيٽ اليڪشن جي سيٽ واري معاملي تي رابطا ڪميٽي کي آڇ ڪئي ته هو پنهنجي مرضي جي چار ميمبرن جا نالا ڏئي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الڳ ٿيل رابطا ڪميٽي اسان کي ميمبرن جا نالا ڏئي. اهي ئي اسان جا اميدوار هوندا، ٻيا اميدوار دستبردار ٿي ويندا. فاروق ستار چيو ته نالا چونڊڻ ۾ منهنجي ڪا به مرضي شامل نه هوندي ۽ نه ئي انهن سان ڪو  رابطو هوندو. فاروق ستار چيو ته اهو فيصلو هن تنظيم بچائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان صلاح مشوري بعد ڪيو. سندس چوڻ هو ته اهڙو تاثر ڏنو پيو وڃي ته آئون ضد ڪري رهيو آهيان، فيصلي سان اهو تاثر ختم ٿيندو ته آئون 4 سيٽن لاءِ ويٺو آهيان. هن چيو ته منهنجو ڪو به اميدوار ناهي، مون سان گڏ رڳو ڪارڪن آهن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سمورن ميمبرن ۽ تنظيم جي سمورن شعبن جي اڳواڻن سان گڏ آهيان. هجن چيو ته بهادر آباد گروپ جو اڄ گلشن اقبال ۾ ٿيندڙ اجلاس غير قانوني آهي، سرڪاري وسيلا ۽ مشنري استعمال ڪئي پئي وڃي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *