تازيون خبرون
مودي نئين دور جو هٽلر قرار، ڪشمير تي حملو پاڪستان تي حملي جي برابر آهي: فردوس عاشق - الله جي ڳالهه ڪڏهن به تبديل ناهي ٿيندي، مسلمان پاڻ کي سياسي طور مضبوط ڪن: حج جو خطبو - وفاقي حڪومت جو اورسيز پاڪستانين لاءِ صحت کارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان - وطن لاءِ حياتي ڏيڻ سڀ کان وڏي قرباني آهي، شهيد قوم جا هيرو آهن : آرمي چيف - ڀارت جو سمجهوتا ايڪسپريس ۽ ٿر ايڪسپرين بحال ڪرڻ جو مطالبو رد، آرمي چيف ۽ عمران خان هڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن: شيخ رشيد - فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري خلاف ٽئڪس اوڳاڙي جو نوٽيس معطل، عدالت ايف بي آر کي ٽئڪس اوڳاڙڻ کان روڪي ڇڏيو - وفاقي حڪومت گيس ٽيرف ۾ 200 سيڪڙو تائين واڌ کان پوءِ  ڏيڍ مهيني اندر وڌيڪ 39 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي - سپريم جوڊيشل ڪائونسل، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو - ڪراچي سميت سنڌ ۾ سانوڻي جو وسڪارو، روڊ رستا ٻڏي ويا، مواصلاتي نظام درهم برهم، ڪرنٽ لڳڻ سبب 4 فوت - هزارين ڪشميرين جو پاڪستاني جهندي واري مارچ ڀارت جي لاءِ اڻٽٽ ڀت آهي: سراج الحق

بلديا واقعي کانپوءِ ڀولا نائين زيرو ۾ روپوش رهيو: ڀولا جي زال

ڪراچي (اين اين آءِ) بينڪاڪ مان گرفتار بلديا واقعي جي جوابدار رحمان ڀولا جي زال خاموشي ٽوڙي ڇڏي، ثمينا ٻڌايو ته بلديا واقعي کانپوءِ ڀولا ڪافي ڏينهن نائين زيرو ۾ روپوش رهيو، تفصيل موجب عبدالرحمان عرف ڀولا جي بينڪاڪ مان گرفتاري جي خبر عام ٿيندي ئي جوابدار جي زال ثمينا به خاموشي ٽوڙي ڇڏي، هن چيو ته واقعي کانپوءِ رحمان ڀولا عزيز آباد جي مشهور هنڌ نائين زيرو ۾ روپوش رهيو، هن ٻڌايو ته عبدالرحمان ڪي ايم سي جي هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ ملوث هو جنهن کي بلديا ڪيس واقعي ۾ نالو اچڻ کانپوءِ پارٽي خاموشي سان هيڏانهن هوڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو جنهن کانپوءِ هو ڪجهه عرصو نائين زيرو ۾ روپوش رهيو، هن ٻڌايو ته ڀولا پنهنجي خرچ تي ملائيشيا فرار ٿي ويو هو ۽ خرچ لاءِ 30 کان 35 هزار رقم موڪلي ويندي هئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *