تازيون خبرون
ٽرمپ سٺو انسان لڳو، عافيه صديقي جي بدلي شڪيل آفريدي جي آزادي ٿي سگهي ٿي: عمران خان - پيپلز پارٽي جو قومي مفادن تي حڪومت جي غير مشروط حمايت جو اعلان - جج ارشد ملڪ جي وڊيو بابت رپورٽ طلب، هاءِ ڪورٽ ئي نواز شريف کي رليف ڏئي سگهي ٿي: سپريم ڪورٽ - ڪارگل جنگ کان نواز شريف آگاهه نه هو، پاڪستان کي وڏو نقصان پهتو: مشاهد حسين - وزيراعظم عمران خان جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڪامياب ملاقات پاڪستان جي ڪاميابي آهي: فردوس عاشق اعواڻ - سنڌ حڪومت ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ۽ ماربل سٽي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي - اسپيڪر اسد قيصر سان بي اين پي سربراهه اختر مينگل ملاقات جي ملاقات، بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ خاص ڪميٽي جوڙڻ تي اتفاق - نيب جي هدايت تي شهباز شريف ۽ سندس خاندان جي ناليتي رجسٽرڊ ۽ استعمال هيٺ گاڏيون بلاڪ - ڪراچي۾ هلڪي برسات، ڪي اليڪٽرڪ جا پرزا ڪم ڇڏي ويا، شهر اونداهي ۾ ٻڌي ويو، 27 ۽ 28 جولائي تي تيز برسات جي اڪٿي - مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ پاڻي واري تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پيءُ قتل، سندس ٻه پٽ سخت زخمي

بلاول ڀٽو سياست ۾ نئون آهي اڳواڻي لاءِ وزيراعظم کان رهنمائي وٺي: مريم اورنگزيب

ڪراچي (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ميڊيا کي گهرجي ته هو اختلاف راءِ جي ڳالهه ضرور ڪري پر ڪنهنجي عزت جو خيال ڪري، بلاول ڀٽو سياست ۾ نئون آهي، هو اڳواڻي لاءِ وزيراعظم سان ڳالهه ڪري، 4 مطالبن تي جيڪڏهن هو سنڌ ۾ عمل ڪري اڄ ته سنڌ جون حالتون بهتر هجن ها، عمران خان خود اقتدار جو حصو آهي، هو ڪيئين اها ڳالهه ڪري ٿو ته اقتدار ۾ اچي سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيندس، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي پروگرام ميٽ تي پريس کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي ان سان گڏ پريس ڪلب جي سيڪريٽري ايڇ خانزاده ۽ ٻيا عهديدار به گڏ هئا، اي ايڇ خانزادي ڪراچي پريس ڪلب پاران مملڪتي وزير کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو، مريم اورنگزيب چيو ته اڄ مان ڪراچي پريس ڪلب کي ثقافت وارو ڏهاڙو ملهائڻ تي مبارڪ ڏيان ٿي، هن چيو ته صحافين پاران سيڪيورٽي ۽ تحفظ جي حوالي سان قانون جي کوٽ آهي، ان حوالي سان هڪ باقائده قانون هجڻ گهرجي، اسان جي حڪومت ان سلسلي ۾ ڊرافٽ مڪمل ڪيو آهي، هو جلد پريس ڪلب ڏانهن موڪليو ويندو، صحافين جي سيڪيورٽي سيفٽي بل پهريون ڀيرو حڪومت پاران جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، هن چيو ته ميڊيا جي حوالي سان وزيراعظم جو چٽو موقف آهي، ان کانسواءِ وزيراعظم بجلي جي لوڊشيڊنگ، ٽرانسپورٽ، دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن اهي سڀني جي سامهون آهن ۽ ڪراچي جهڙي شهر ۾ امن قائم ڪيو آهي، جيڪي ڪثر رهجي وئي آهي اها به جلد ختم ڪئي ويندي، مريم اورنگزيب چيو ته اختلاف راءِ ضرور ڪيو وڃي پر ڪنهن جي عزت جو به خيال ڪيو وڃي، ميڊيا وارن کي آزادي جي راءِ جو  حق آهي، پر توهان ماڻهن کي پنهنجي ذميواري جو احساس هجڻ گهرجي ۽ اهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي جنهن سان پاڪستان جو اميج سٺو ٿئي، هن چيو ته پريس ڪلب کي ان پاور هجڻ گهرجي، انهن وٽ فنڊن جا مسئلا آهن جنهن جو حڪومت کي احساس آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *