تازيون خبرون

بلاول جو چوڌري نثار جي برطرفي جو مطالبو درس هو، کيس برطرف ڪيو وڃي: چانڊيو

ڀٽ شاهه(م.ڊ) وڏي وزير جي سڌُ سماءَ بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته اهڙن گهرو وزيرن کي برطرف ڪرڻ گهرجي، جنهن کي اها خبر  به نه هجي ته ساڻس ملڻ لاءِ ڪير اچي رهيو آهي، اهڙو گهرو وزير قومي سلامتي جا معاملا ڪيئن ٿو سنڀالي سگهي. ڀٽ شاهه ۾ ميڊياسان ڳالهه ٻولهه ڪندي مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته گهرو وزير کي پريس ڪانفرنس کان پوءِ پنهنجي قائد جي مطالبي تي وڌيڪ يقين ٿي ويو آهي، ڀٽو جو وارث ۽ بيبي جو پٽ بلاول آهي. هن چيو ته چوڌري نثار جي برطرفي وارو مطالبو درست هو، ڪوڙ کي پير ناهن هوندا، جماعت اسلامي سميت ڪيترين ئي پارٽين چيو ته مولانا لڌيانوي جي ملاقات پاڻ گهرو وزير جي خواهش تي ٿي جنهن کان پوءِ گهرو وزير جي ڪوڙ جو ڀانڊو ڦاٽي پيو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *