تازيون خبرون
ٽرمپ جي ڪشمير مسئلي تي وري ٽياڪڙي جي آڇ، ڀارت تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ زور - وفاقي حڪومت جو نجي شخصيتن تائين نيب ڪارروائي جا اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو - سرڪاري ملازم غير قانوني حڪم مڃڻ جو پابند ناهي: سپريم ڪورٽ - ستلج ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ، 33 ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏ پلاڻ - ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ لاٿ وڏي ڪاميابي آهي: عمران خان - صادق سنجراڻي سان اسد قيصر جي ملاقات، ڪشمير مسئلي کي بين الاقوامي سطح تي اٿارڻ لاءِ پارليامينٽ جا وفد موڪلڻ جو فيصلو - شاهه محمود قريشي جو آئيوري پوسٽ، ڊينش ۽ ناروي جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون - ڪراچي جو ڪچرو سڀني کي صاف ڪرڻ کپي پر تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف آهن: سعيد غني - ايف بي آر ٽيڪس  نيٽ کي وسعت ڏيندي هڪ لک امير ٽيڪس نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا - هتي ويچارا ٿي اچن ٿا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن ڪراچي ۾ قبرن لاءِ جاءِ نه ملندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

بجيٽ هاڻي سينيٽ ۾ به منظور ٿيندي، پنج هزار جو نوٽ پڻ ختم، حڪومتي اعتراض باوجود سينيٽ ۾ ٺهراءُ پاس

اسلام آباد (م.ڊ) سينيٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت تي سخت تنقيد سميت ان جي فيصلن جي نندا ڪئي وئي آهي، مٿئين ايوان کي بجيٽ پاس ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ واري ٺهراءَ جي حڪومتي مخالفت باوجود منظوري ڏني وئي، قانون واري وزير زاهد حامد سينيٽ جي مالي اختيارن جي مخالفت ڪندي چيو ته قومي اسيمبليءَ مان پاس بجيٽ سينيٽ منظور نه ڪئي حڪومت جي حيثيت ختم ٿي ويندي، سينيٽ کي مالي اختيار گھرجن ته ميمبرن جي سڌي سنئين چونڊ ڪئي وڃي. جنهن تي سينيٽ چيئرمين سوال اٿاريو ته قومي اسيمبليءَ جي خاص سيٽن تي چونڊيل 70 ميمبرن جو بجيٽ تي ووٽ وٺي سگھجي ٿو ته سينيٽر ڇو نه ٿا ڪري سگھن؟ قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي، پنج هزار جو نوٽ ختم ڪرڻ جو ٺهراءُ پيپلز پارٽيءَ جي عثمان سيف الله پيش ڪئي، ان تي به قانون واري وزير جي مخالفت بيڪار وئي، قرار داد ۾ چيو ويو ته پنج هزار جو نوٽ ختم ڪرڻ سان ڪرپشن گھٽ ٿيندي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *