تازيون خبرون

باڪسنگ ڊي ٽيسٽ: برسات جي ڪري پهرين ڏينهن جي راند ختم

ميلبرن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن جي راد برسات جي ڪري ختم ڪئي وئي آهي، پاڪستان 4 وڪيٽن جي نقصان تي 142 رنسون ٺاهيون، اظهر علي 66 رنسو ن ۽ اسد شفيق 4 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن، جيڪي ٻئي ڏينهن جي اڻ مڪمل اننگ جي شروعات ڪندا، ميزبان آسٽريليا ۽ پاڪستان وچ ۾ ميلبورن ۾ کيڏجندڙ ٽيسٽ ميچ ۾ ملڪي ٽيم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي مضبوط شروعات نه ملي سگهي ۽ رڳو 18 رنسن تي سميع اسلم 9 رنسون ٺاهي ليون جي بال تي سمٿ هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، اظهر عليءَ بهتر ۽ پراعتماد راند جو مظاهرو ڪيو ۽ ٻيئن وڪيٽ جي ڀائيواري ۾ بابر اعظم سان گڏجي 42 رنسن جي واڌ ڪئي، گڏيل اسڪور کي 60 رنسن تائين پهچايو پر ان موقعي تي بابر اعظم به همٿ هاري ويٺو ۽ هزل ووڊ جي بال تي سمٿ هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو، جڏهن ته 111 رنسن تي يونس خان به رڳو 21 رنسون ٺاهي برڊ هٿان بولڊ ٿيو. ڪپتان مصباح الحق به فارم ۾ واپس نه اچي سگھيو ۽ 125 رنسن تي رڳو 11 رنسون ٺاهي برڊ جي بال تي ميڊنسن هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. پاڪستان طرفان 66 رنسن سان اظهر علي ۽ اسد شفيق 4 رنسن تي ڪريز تي موجود آهن، ٻئي ڏينهن جي راند جي شروعات ڪندا، آسٽريليا طرفان جيڪسن برڊ 2 رانديگر آئوٽ ڪيا جڏهن ته جوش هيزل ووڊ ۽ نيٿن ليون هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *