تازيون خبرون
آمريڪي صدر سان عمران خان جي ملاقات، ٽرمپ پاران ڪشيمر مسئلي تي ٽياڪڙي جي آڇ - اخبارن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي بڻائڻ جو اعلان، ورڪرن جا مسئلا حل ڪرڻ پهتي آهيان: فردوس عاشق - آئين جي حڪمراني تي ٺاهه نٿا ڪري سگهون، عوامي حق غصب ڪندڙ سان ويڙهه ٿيندي: ن ليگ - امداد جو مقصد پاڪستاني معيشت ۽ ادارن کي مضبوط بڻائڻ آهي: آءِ ايم ايف - جهڪيو آهيان نه قوم کي جهڪڻ ڏيندس، سفارشن باوجود اين آر او نه ڏيندس: عمران خان - وڪيل تيزي سان پنهنجي عزت وڃائي رهيا آهن، پنهنجي عزت جي بحالي لاءِ تحريڪ هلائن: چيف جسٽس آصف سعيد کوسا - جنرل قمر جاويد باجوه وزيراعظم جي وفد جي ميمبر جي حيثيت سان وائيٽ هائوس واري اجلاس ۾ شرڪت ڪندو: آئي ايس پي آر - جج وڊيو اسڪينڊل: ميان طارق 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي،دماغي ڪينسر آهي،  جيل وڃي مري ويندس: جوابدار - سنڌ حڪومت پاران ڊويزنل ھيڊ ڪورٽرز ۾ (اين آءِ سي ايڇ) جا سيٽلائيٽ سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو - افسوس آهي ته وزيراعظم پرڏيهه ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ڪنٽينر تان ناهي لٿو: بلاول ڀٽو زرداري

اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نائين ورسي اڄ سڄي ملڪ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي، تياريون مڪمل

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهيد چيئرپرسن ۽ اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي نائين ورسي اڄ اڱاري تي سڄي ملڪ ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي، مرڪزي تقريب ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ منعقد ٿيندي، جنهن ۾ آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ عاصفه سميت پ پ جا ايم اين ايز، ايم پي ايز، سنڌ ڪابينا جا ميمبر ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا، ورسي جي تقريبن جي شروعات صبح جو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ محترمه جي مزارتي قرآن خواني سان ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ گڏيل دعا سان لنگر ورهايو ويندو، 12 وڳي جلسو شروع ٿيندو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان ايندڙ شاعر پنهنجي شاعري ۽ مڪالن ذريعي محترمه جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندا، جڏهن ته مرڪزي اڳواڻ 4 وڳي کانپوءِ جلسي کي خطاب ڪندا، جلسي جي حوالي سان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ وڏي پيماني تي انتظام ڪيا ويا آهن، جلسي واري هنڌ کي پارٽي جهنڊن ۽ اڳواڻن جي تصويرن سان سجايو ويو آهي، اسٽيج تي به پارٽي اڳواڻن جون تصويرون ۽ جهنڊا هنيا ويا آهن، سڄي ملڪ مان ايندڙ ڪارڪنن جي سهولت لاءِ ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ميڊيڪل ۽ پاڻي جي سبيلن جون ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، انتظاميا پاران سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، ساڍا 6 هزار پوليس آفيسر ۽ اهلڪار ۽ 3 سئو رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٽريفڪ انتظام لاءِ 7 سئو اهلڪار به مقرر ڪيا ويا آهن، پارڪنگ، جلسي واري هنڌ ۽ ٻين علائقن جي سي سي ٽي وي ڪمرائن ذريعي مانيٽرنگ ڪئي ويندي، جلسي کانپوءِ شام جي وقت پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو جو اجلاس نئون ديرو ۾ منعقد ٿيندو جنهن ۾ اهم فيصلن جو امڪان آهي، شهيد بينظير ڀٽو جي نائين ورسي جي سلسلي ۾ پ پ پاران لاڙڪاڻي شهر سميت سڄي ضلعي ۾ 40 کان وڌيڪ آجياڻي واريون ڪيمپون قائم ڪري سڄي علائقي کي بينر سان سنجايو ويو آهي، ڪراچي مان پ پ جا اهم ڳواڻ ۽ سنڌ ڪابينا جا ڪيترائي ميمبر پهريان ئي لاڙڪاڻي پهچي چڪا آهن، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ۽ پ پ عورتن واري شعبي جي صدر فريال ٽالپر گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ورسي جي انتظامن جي سلسلي ۾ اتي موجود آهن، جڏهن ته جيالا مسلسل قافلن جي صورتن ۾ ڳڙهي خدا بخش پهچي رهيا آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *