تازيون خبرون

اڳوڻي صدر کي مودي جي بيان تي ڳڻتي،تڪراري بيان پاڪ – هند ناتن جي بحالي لاءِ هاڃيڪار آهن: آصف زرداري

اسلام آباد (بيورو) پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طرفان هڪ ڀيرو وري پاڪستان تي دهشتگردي جي پٺڀرائي واري الزام تي مايوسي ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙو الزام پاڪ – هند ناتن جي بحالي لاءِ هاڇيڪار آهي، پاڪستان جون حڪومتون ۽ هڪ ارب کان وڌيڪ عوام خطي ۾ امن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهتر ناتا چاهي ٿو، هڪ موقف کي مڃڻ ۽ ٻئي کي رد ڪرڻ صحيح نه آهي.نريندر مودي طرفان بنگلاديش ۾ 1971ع وارن واقعن بابت تبصري تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ڀارتي وزيراعظم طرفان اهو غير ضروري تبصرو پاڪستان ۽ ڀارت جا ناتا بهتر ڪرڻ ۾ مددگار نه هوندو، جڏهن ته دهشتگردي علائقي جي عوام جي گڏيل دشمن آهي ۽ ان سان وڙهڻ لاءِ ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي جي هٿ ۾ هٿ ڏئي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، هڪٻئي تي الزام مڙهڻ سان ڪو فائدو نه ٿيندو. اڳوڻي صدر چيو ته 1971ع جا واقعا اسان جي تاريخ جو هڪ ڪڙو باب آهي ۽ ان بابت هر شخص ۽ هر علائقي جو پنهنجو نظريو آهي،پراڻن زخمن کي ڪورڻ جو ڪو جواز ئي نه آهي .

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *