تازيون خبرون

اي ڊي خواجه عهدي تان فارغ، آءِ جي سنڌ جي اضافي چارج مشتاق مهر حوالي، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ الهه ڏنو خواجه کان چارو واپس وٺي ان کي جبري موڪل تي موڪليو ويو آهي جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق احمد مهر کي آءِ جي سنڌ جي عارضي چارج ڏني ويئي آهي سنڌ جي وڏي وزير پاران جبري موڪل تي موڪليل آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي 12 مارچ 2016 تي آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو هو هو 9 مهينا 7 ڏينهن ان عهدي تي ڪم ڪندو رهيو ذريعن موجب سنڌ پوليس ۾ مئرٽ تي ڀرتين تي ڪجهه سياستدان اي ڊي خواجه کان ناراض هئا ذريعن موجب گذريل ڏينهن مشهور واپاري سان ان جي سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي جنهن سبب بدين ۾ ڪمند جي ڪرشنگ هئي 11 مارچ2016 تي سپريم ڪورٽ پوليس جاچ فنڊن ۾ گهوٻيون ۽ غير قانوني ڀرتين جي ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي کي ان جي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو جنهن کان پوءِ وفاق 12 مارچ تي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي جي جاءِ تي اي ڊي خواجه کي آءِ جي سنڌ جون ذميواريون ڏنيون هيون ذريعن موجب وزيراعظم پاران آءِ جي اي ڊي خواجه جي مقرري جي منظوري سنڌ حڪومت سان مشوري کان پوءِ ڏني ويئي اي ڊي خواجه جو تعلق ٽنڊو محمد خان سان آهي سنڌ پوليس ۾ ڪيترن ئي اهم عهدن تي رهي چڪو آهي ان جي مقرري کان پوءِ سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ ۾ اختلافن جون خبرون آيون انهيءَ عهدي تان هٽائڻ جون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون ۽ سومر تي ان کي جبري موڪل تي موڪليو ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ خصوصي انترويو ۾ اي ڊي خواجه چيو هو ته مان گذريل 8 مهينن کان ان عهدي تي فائز آهيان پر پوليس ۾ موجود اعليٰ عهدن تي فائز آفيسرن ۽ سنڌ جي اهم سياسي شخصيتون مون ان تان هٽائڻ جي ڪوشش ۾ آهن جيڪڏهن مون کي وفاق يا سنڌ حڪومت پاران عهدو ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو ته مان فوري طور تي عهدي جي چارج ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان آءِ جي سنڌ چيو ته ان حوالي سان مان سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه سان به ڳالهه ڪئي آهي ته مون کي گذريل ٻن مهينن کان غير قانوني ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي ان ڪري مان ان عهدي تي وڌيڪ ڪم نٿو ڪري سگهان جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير پاران ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي مدد جي خاطري نه ڪرائي ويئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *