تازيون خبرون
مودي نئين دور جو هٽلر قرار، ڪشمير تي حملو پاڪستان تي حملي جي برابر آهي: فردوس عاشق - الله جي ڳالهه ڪڏهن به تبديل ناهي ٿيندي، مسلمان پاڻ کي سياسي طور مضبوط ڪن: حج جو خطبو - وفاقي حڪومت جو اورسيز پاڪستانين لاءِ صحت کارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان - وطن لاءِ حياتي ڏيڻ سڀ کان وڏي قرباني آهي، شهيد قوم جا هيرو آهن : آرمي چيف - ڀارت جو سمجهوتا ايڪسپريس ۽ ٿر ايڪسپرين بحال ڪرڻ جو مطالبو رد، آرمي چيف ۽ عمران خان هڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن: شيخ رشيد - فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري خلاف ٽئڪس اوڳاڙي جو نوٽيس معطل، عدالت ايف بي آر کي ٽئڪس اوڳاڙڻ کان روڪي ڇڏيو - وفاقي حڪومت گيس ٽيرف ۾ 200 سيڪڙو تائين واڌ کان پوءِ  ڏيڍ مهيني اندر وڌيڪ 39 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي - سپريم جوڊيشل ڪائونسل، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو - ڪراچي سميت سنڌ ۾ سانوڻي جو وسڪارو، روڊ رستا ٻڏي ويا، مواصلاتي نظام درهم برهم، ڪرنٽ لڳڻ سبب 4 فوت - هزارين ڪشميرين جو پاڪستاني جهندي واري مارچ ڀارت جي لاءِ اڻٽٽ ڀت آهي: سراج الحق

ايڪنڪ داسو پن بجلي منصوبي جي منظور ڏئي ڇڏي آهي، ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي بابت جلد خوشخبري ٻڌائينداسين: فيصل واوڊا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آبي وسلين بابت وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي بابت جلد خوشخبري ٻڌائينداسين. آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا ۽ آبي وسيلن جي سيڪريٽري محمد اشرف گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، ان دوران فيصل واوڊا چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي بابت جلد عوام کي خوشخبري ٻڌائيندسين ۽ چيو ته ڪراچي جي عوام جي اميدن تي پورو لهنداسين. فيصل واوڊا چيو ته ايڪنڪ داسو پن بجلي منصوبي جي منظور ڏئي ڇڏي آهي، اهو منصوبو 4 هزار 320 ميگاواٽ جو آهي. داسو پن بجلي منصوبي جي دير ۾ ڏوهاري غفلط ڪئي وئي. وفاقي وزير جو چوڻ هوته صوبن کي گهرجي ته حددخلين جو خاتمو ڪن، ڇاڪاڻ ته ان ۾ چوماسي ۾ ٻوڏ جي خطري کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڀارت هنيئر تائين پاڪستان کي جولائي کان آڪٽوبر تائين جي ٻوڏ جي ڊيٽا ناهي ڏني، ڀارت اسان کي اها ڊيٽا فراهم ڪري. پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته ڪرپشن جي ور چڙهيل سمورا منصوبا ختم ڪيا ويا آهن جڏهن ته سنڌ جي عوام لاءِ بهترين منصوبا آڻي رهيا آهيون، ادارن کي بدنام ڪرڻ جي سازش کي ناڪام بڻائينداسين ۽ ڪنهن کي به قومي ادارن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ان کانسواءِ سندس چوڻ هو ته ڪنهن به صورت ۾ احتساب جو عمل نه رڪجندو، ويڊيو ڪوئين جيڪو به ڪيو، اسان ادارن کي برباد ٿيڻ نه ڏينداسين.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *