تازيون خبرون

اين اي 204 تان چونڊ واري اعلان بعد پ پ چيئرمين جو لاڙڪاڻي شهر جو دورو، ڪارڪنن پاران شاندار استقبال، گلن جي ورکا

لاڙڪاڻو(اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي تڪ اين اي 204 تان ننڍي چونڊ وڙهڻ واري اعلان کان پوءِ پهريون ڀيرو تڪ جي مسئلن بابت شهر جو تفصيلي دورو ڪيو. صوبائي وزير کيس تڪ ۾ جاري ترقياتي ڪمن ۽ مسئلن بابت آگاهي ڏيندو رهيو، بلاول جي استقبال لاءِ هزارين ڪارڪنن مختلف روڊن تي بيهي سندس مٿان گل نڇاور ڪيا، بلاول جي حق ۾ زبردست نعريبازي، فوٽو ڪڍڻ تي بلاول جي قافلي ۾ شامل سيڪيورٽي اهلڪار سرعام فوٽوگرافر مٿان تشدد ڪندو رهيو، جيالن وچ ۾ پئي فوٽوگرافر کي ڇڏائي ورتو، بلاول ڀٽو زرداري پ پ پ جي جهوني ڪارڪن جي وڇوڙي تي وارثن سان تعزيت پڻ ڪئي. رپورٽ موجب بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ناني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي لاڙڪاڻي واري تڪ اين اين 204 تان ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺي پارليامينٽ ۾ اچڻ جي فيصلي کان پوءِ پهريون نئون ديرو هائوس کان لاڙڪاڻي پهتو. جتي هن شهر جي مختلف علائقن ميونسپل ڪارپوريشن روڊ، امپائر روڊ، مڇي مارڪيٽ، پاڪستاني چوڪ، جناح باغ چوڪ، اسٽيشن روڊ، باقراڻي روڊ، اوور هيڊ برج، هاءِ ڪورٽ روڊ، چانڊڪا پل، سچل ڪالوني سميت ٻين مختلف علائقن جو گاڏي ذريعي تفصيلي دورو ڪيو. صوبائي وزير نثار احمد کهڙو ۽ ٻيا پڻ بلاول سان گڏ هئا. ٻڌايو پيو وڃي ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي تڪ اين اي 204 تان ضمني چونڊ وڙهڻ کان اڳ شهر جي مسئلن سميت ٻين معاملن کان چڱي ريت واقف ٿيڻ لاءِ لاڙڪاڻي پهتو جتي صوبائي وزير نثار احمد کهڙو کيس شهر جي مختلف علائقن ۾ جاري ترقياتي ڪمن ۽ مسئلن بابت گاڏي اندر آگاهه ڪندو رهيو. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن سميت مختلف چوڪن تي وڏي تعداد ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري جي آمد کان اڳ ڪيترائي ڀيرا شهر ڏانهن ايندڙ ويندڙ مُک رستن کي پڻ بند ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي دوري کان بعد ماهوٽا پهچي پيپلز پارٽي جي جهوني اڳواڻ مرحوم غلام الله ماهوٽو جي گهر پهچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير نثار احمد کهڙو ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غلام الله ماهوٽو پارٽي جو قيمتي اثاثو هو جنهن هر وقت پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پارٽي اڳواڻن جو ساٿ ڏنو مرحوم جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. اهڙا اڳواڻ صدين تائين پيدا ٿيڻ مشڪل آهي. هن چيو ته مرحوم غلام الله ماهوٽو جي وارثن سان پارٽي جون همدرديون گڏ آهن ۽ مرحوم جي وارثن کي اڪيلو نه ڇڏبو جنهن کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري موهن جو دڙو ايئرپورٽ تان ڪراچي روانو ٿي ويو. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي آمد جي موقعي تي جتي هزارن جي تعداد ۾ ڪارڪن سندس جي استقبال لاءِ پهتا اُتي شهر جي ايمپائر روڊ تي ڪوريج لاءِ پهتل هڪ فوٽوگرافر جيڪو بلاول جون تصويرون ڪڍي رهيو هو ته اوچتو بلاول جي گاڏي ۾ موجود هڪ سيڪيورٽي اهلڪار گاڏي مان لهي فوٽوگرافر کي سرعام مارڪٽ ڪندو رهيو جنهن تي ٻين ڪارڪنن توڙي جيالن پهچي فوٽوگرافر کي سيڪيورٽي اهلڪار جي مارڪٽ کان بچائي ورتو جنهن کان پوءِ سيڪيورٽي گارڊ ٻيهر بلاول ڀٽو زرداري جي قافلي ۾ شامل هڪ گاڏي ۾ چڙهي ساڻس روانو ٿي ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *