تازيون خبرون
مودي نئين دور جو هٽلر قرار، ڪشمير تي حملو پاڪستان تي حملي جي برابر آهي: فردوس عاشق - الله جي ڳالهه ڪڏهن به تبديل ناهي ٿيندي، مسلمان پاڻ کي سياسي طور مضبوط ڪن: حج جو خطبو - وفاقي حڪومت جو اورسيز پاڪستانين لاءِ صحت کارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان - وطن لاءِ حياتي ڏيڻ سڀ کان وڏي قرباني آهي، شهيد قوم جا هيرو آهن : آرمي چيف - ڀارت جو سمجهوتا ايڪسپريس ۽ ٿر ايڪسپرين بحال ڪرڻ جو مطالبو رد، آرمي چيف ۽ عمران خان هڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن: شيخ رشيد - فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري خلاف ٽئڪس اوڳاڙي جو نوٽيس معطل، عدالت ايف بي آر کي ٽئڪس اوڳاڙڻ کان روڪي ڇڏيو - وفاقي حڪومت گيس ٽيرف ۾ 200 سيڪڙو تائين واڌ کان پوءِ  ڏيڍ مهيني اندر وڌيڪ 39 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي - سپريم جوڊيشل ڪائونسل، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو - ڪراچي سميت سنڌ ۾ سانوڻي جو وسڪارو، روڊ رستا ٻڏي ويا، مواصلاتي نظام درهم برهم، ڪرنٽ لڳڻ سبب 4 فوت - هزارين ڪشميرين جو پاڪستاني جهندي واري مارچ ڀارت جي لاءِ اڻٽٽ ڀت آهي: سراج الحق

ايندڙ ڏينهن ۾ ن ليگ وارن کي پاناما جي نالي سان چڙايو ويندو: مولابخش چانڊيو

حيدرآباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سُڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئي چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ن ليگ وارن کي پاناما جي نالي سان چڙايو ويندو، حڪمرانن وٽ ننڍن صوبن لاءِ ڪابه گنجائش ناهي، حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئي جو چوڻ هو ته حڪمرانن جي ترقياتي منصوبن ۾ ننڍا صوبا شامل ناهن، بلاول ڀٽو زرداري اڃا هاڻ شروعات ڪئي آهي، پاناما ڪيس نه ڇڏينداسين، جمهوريت پسند ماڻهو اسان سان گڏ هلندا، چوڌري نثار منهنجو دوست ناهي، هو اسان لاءِ صرف گهرو وزير آهي، هن وڌيڪ چيو ته هڪ به مسلم ليگ جو معتبر ناهي جيڪو نواز شريف جي حق ۾ ڳالهائي، 27 ڊسمبر تي شروع ٿيندڙ تحريڪ پنهنجي منزل تائين پهچندي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *