تازيون خبرون

انور مجيد سان لاڳاپن جو اعتراف، ڊاڪٽر عاصم جي خاندان پاڪستان ٺاهيو: آصف زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان کي ڪوتاهين تي سٺي نظر وجهڻي پوندي، ڊاڪٽر عاصم جي خاندان پاڪستان بڻايو، عدالتن تي اعتماد آهي، اميد آهي ته کيس انصاف ملندو، انور مجيد سان لاڳاپن کان انڪار نه آهي، جڏهن ته ڇاپن جي باري ۾ گهرو وزير کان پڇيو وڃي، 4 مطالبن تي پارٽي پاليسي جو اعلان 27 ڊسمبر تي ڪندس، آئين ته چونڊن جي اها ئي تاريخ ڏيندو آهي، ماڻهو اهڙيون حالتون پيدا ڪن ٿا ته چونڊون جلد ٿين، مزار قائد تي حاضري ۽ فاتح خواني کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان کي ترقي جي رستي هلائينداسين، قائد جي خواب موجب پاڪستان کي اڳتي وٺي وينداسين، هن چيو ته پاڪستان هميشه مضبوط کان مضبوط ٿي رهيو آهي، هن چيو ته ميڊيا کي گذارش آهي ته مثبت انداز ۾ ڪوتاهين تي نظر وجهي، خبر مان خبر نه ڪڍي، هن چيو ته انور مجيد جو معاملو عدالت ۾ آهي، هاڻ ڏسڻو آهي ته اهو ڪيستائين وڃي ٿو، مزار قائد تي حاضري جي موقعي تي ان سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ ڪابينا جا ميمبر به ساڻس گڏ هئا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *