تازيون خبرون
ٽرمپ جي ڪشمير مسئلي تي وري ٽياڪڙي جي آڇ، ڀارت تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ زور - وفاقي حڪومت جو نجي شخصيتن تائين نيب ڪارروائي جا اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو - سرڪاري ملازم غير قانوني حڪم مڃڻ جو پابند ناهي: سپريم ڪورٽ - ستلج ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ، 33 ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏ پلاڻ - ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ لاٿ وڏي ڪاميابي آهي: عمران خان - صادق سنجراڻي سان اسد قيصر جي ملاقات، ڪشمير مسئلي کي بين الاقوامي سطح تي اٿارڻ لاءِ پارليامينٽ جا وفد موڪلڻ جو فيصلو - شاهه محمود قريشي جو آئيوري پوسٽ، ڊينش ۽ ناروي جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون - ڪراچي جو ڪچرو سڀني کي صاف ڪرڻ کپي پر تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف آهن: سعيد غني - ايف بي آر ٽيڪس  نيٽ کي وسعت ڏيندي هڪ لک امير ٽيڪس نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا - هتي ويچارا ٿي اچن ٿا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن ڪراچي ۾ قبرن لاءِ جاءِ نه ملندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

انتقامي ڪاررواين جو جواب ڏيڻ جو اعلان، حڪومت کي انجام ڀوڳڻو پوندو: پيپلز پارٽي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  سُڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي خلاف ڪيل انتقامي ڪارروائي حڪومت کي ڀوڳڻي پوندي. توهان جي ظلم و ستم جي ڪري پيپلز پارٽي ختم نه ٿيندي. مهينو اڳ حڪومت پريشان هئي پر راحيل شريف جي وڃڻ کان پوءِ حڪومت ۾ ساهه پئجي ويو آهي. وزير چون ٿا ته فوج ۽ اسان هڪ صفحي ۾ آهيون پر هاڻي نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو وٺڻ وارو ڳالهيون پيا ڪن. حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولا بخش چانڊيو وڌيڪ چيو ته فرمائشي پروگرام تي پيپلز پارٽي خلاف ڪيل ڪارروائي نقصانده هوندي. انهي ڪاررواين جي ذميوار حڪومت آهي ۽ حڪومت کي ڀوڳڻو پوندو. اسان محب وطن آهيون ۽ اسان کي ڪو به خوف ناهي. توهان جي ظلم جي ڪري پيپلز پارٽي ڪڏهن به سست نه ٿيندي. پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ وارا مري کپي ويا. اڌ کان وڌيڪ بيوقوف (ن) ليگ ۾ موجود آهن. ڪجهه وقت پهرين جهموريت مايوس هئي، حڪومت اداس هئي، وزيرن تي ڪڪڙ جيان پاڻي پيل هو، جنرل راحيل شريف جي وڃڻ کان پوءِ حڪومت ۾ ساهه پيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته چوڌري نثار جيڪو ڪجهه چوي ٿو کيس روڪڻ وارو ڪير به ڪونهي، اسان چاهيون ٿا ته پيار محبت واري فضا قائم رهي. اسان بلاول ڀٽو جي ايندڙ اعلان جو انتظار ڪري رهيا آهيون، جنهن کان پوءِ اسان پنهنجي ڪم کي شروع ڪنداسين. مولا بخش صحافين کي چيو ته چيئرمين اعلان ڪندو ۽ اسان توهان کي خبر ڏينداسين بلڪه روز روز توهان کي نيون نيون خبرون ملنديون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *