تازيون خبرون

انتظاميه ۽ فرنچائز مالڪن جو اجلاس، پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ئي ڪرائڻ جو فيصلو

دبئي(شوبز نيوز) پي ايس ايل انتظاميا ۽ فرنچائز مالڪن وچ ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ئي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن پرڏيهي رانديگر پي ايس ايل فائنل جي لاءِ پاڪستان نٿا اچن تڏهن به فائنل هر صورت ۾ پاڪستان ۾ ئي ڪرايو ويندو ۽ ان سان فرنچائز مالڪن کي ڪو به فرق نه پوندو. ٻئي پاسي ڏکڻ آفريقا، سريلنڪا ۽ انگلينڊ سميت 50 پرڏيهي رانگدير پي ايس ايل فائنل جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي رضامند آهي جڏهن ته ڪراچي ڪنگز، اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي پرڏيهي ڪوچن به پي ايس ايل فائنل جي لاءِ لاهور اچڻ تي آمادگي ظاهر ڪري چڪا آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *