تازيون خبرون
وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان، ڪنهن کي نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين: وفاقي حڪومت - نئوديرو ۾ هٿياربندن هٿان 3 پورهيت قتل، وڏي وزير نوٽيس ورتو، جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت - ڊيل گهرجي نه وري ڪا ڍر، اين آر او گهرندڙن جا نالا ته کڻو: پيپلز پارٽي - ارشاد رانجهاڻي قتل واري واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي، اهو انسانيت جو قتل هوۡ: مراد علي شاهه - جيڪڏهن عورتن کي هيسائجڻ کان نٿا بچائي سگھو، اسان کي شرم اچڻ گھرجي: سپريم ڪورٽ - ساهيوال سانحو: ليبارٽري کي موڪليل سب مشين گنون ۽ پسٽل سانحي ۾ استعمال ئي نه ٿيڻ جو انڪشاف - ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا - پي اي سي جو ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڻ ناهي چيو عمران خان جي خواهش هئي، اسپيڪر غلط پيو وڃي: شيخ رشيد - احسن اقبال ٻڌائي ملتان سکر موٽروي جي ڊيل ڪرائڻ وارو ڪير هيو. ڇا جاويد صادق پرڏيهي ڪمپني جو ايجنٽ ۽ آپڪا فرنٽ مين نه هيو؟ : مراد سعيد - سنڌ جي ٿر ۾ 610 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي جي موجودگي جو انڪشاف

اميتاڀ بچن جو نالو پاناما پيپرز ۾ اچڻ تي سندس خلاف جاچ شروع

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي شهنشاهه اميتاڀ بچن جو نالو پاناما پيپرز ۾ اچڻ بعد ڀارتي اختيارين معاملي جي باقاعده جاچ شروع ڪري ڏني آهي. رپورٽ مطابق بالي ووڊ سپر اسٽار اميتاڀ بچن سميت ۳۳ ڀارتي شخصيتن جا نالا پاناما پيپرز ۾ اچڻ بعد انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ باقاعده طور تي ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي. اختيارين مطابق انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ جي اعليٰ آفيسرن تي ٻڌل ٽيم معلومات گڏ ڪرڻ لاءِ برٽش ورجن آءِ لينڊ اماڻي وئي آهي جڏهن ته ٻين ملڪن کان به ڄاڻ حاصل ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته پاناما پيپرز ۾ اميتاڀ بچن کي بلڪ شپنگ ڪمپني لميٽيڊ، ليڊي شپنگ ڪمپني لميٽيڊ، ٽريزر شپنگ لميٽيڊ ۽ ٽرام شپنگ ليميٽڊ ڪمپني جو ڊائريڪٽر ظاهر ڪيو ويو آهي پر بالي ووڊ سپر اسٽار جو چوڻ آهي ته هو ڪڏهن به انهن ڪمپنين جو ڊائريڪٽر نه رهيو آهي ۽ ممڪن آهي ته سندس نالو انهن ڪمپنين ۾ استعمال ڪيو ويو هجي. اميتاڀ جو چوڻ آهي ته هو لاڳيتو ٽيڪس ادا ڪندو رهيو آهي ۽ پرڏيهه ۾ خرچ ڪيل رقم تي به هو ٽيڪس ڏيندو آيو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *