تازيون خبرون

امن امان جي صورتحال: سنڌ حڪومت پاران ڪو آرڊينيشن ڪميٽيون ٺاهڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ ضلعي سطح تي امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنرز جي سربراهي ۾ ڪو آرڊينشن ڪميٽيون جوڙڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سمورا عملدار امن قائم ڪرڻ لاءِ هڪٻئي سان سهڪار پيدا ڪن… وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ سمورن ضلعن جي ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز جو اجلاس ٿيو…. اجلاس ۾ ناڻي واري صوبائي وزير مراد علي شاهه، ناڻي، مڪاني ادارن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ ضلعن جي انتظاميا هڪٻئي سان سهڪار وڌائي، ان حوالي سان هر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ضلعي ڪو آرڊينشن ڪميٽيون جوڙيون وينديون…. ضلعي ڪو آرڊينشن ڪميٽي ۾ ايس ايس پي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا عملدار به شامل هوندا. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ضلعي جا عملدار امن امان کي بهتر بڻائڻ لاءِ پاڻ به سهڪار پيدا ڪن. وڏي وزير چيو ته ڊپٽي ڪمشنر پائيپ لائين مان پيٽرول چوري کي فوري طور روڪرائين. اجلاس ۾ وڏي وزير ڊي سيز کي هدايت ڪئي ته اهي ترقياتي ڪم جي ڪوالٽي تي خاص ڌيان ڏين ۽ مقرر وقت تي انهن کي مڪمل ڪرائين

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *