تازيون خبرون
وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان، ڪنهن کي نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين: وفاقي حڪومت - نئوديرو ۾ هٿياربندن هٿان 3 پورهيت قتل، وڏي وزير نوٽيس ورتو، جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت - ڊيل گهرجي نه وري ڪا ڍر، اين آر او گهرندڙن جا نالا ته کڻو: پيپلز پارٽي - ارشاد رانجهاڻي قتل واري واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي، اهو انسانيت جو قتل هوۡ: مراد علي شاهه - جيڪڏهن عورتن کي هيسائجڻ کان نٿا بچائي سگھو، اسان کي شرم اچڻ گھرجي: سپريم ڪورٽ - ساهيوال سانحو: ليبارٽري کي موڪليل سب مشين گنون ۽ پسٽل سانحي ۾ استعمال ئي نه ٿيڻ جو انڪشاف - ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا - پي اي سي جو ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڻ ناهي چيو عمران خان جي خواهش هئي، اسپيڪر غلط پيو وڃي: شيخ رشيد - احسن اقبال ٻڌائي ملتان سکر موٽروي جي ڊيل ڪرائڻ وارو ڪير هيو. ڇا جاويد صادق پرڏيهي ڪمپني جو ايجنٽ ۽ آپڪا فرنٽ مين نه هيو؟ : مراد سعيد - سنڌ جي ٿر ۾ 610 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي جي موجودگي جو انڪشاف

القاعده ۽ ٽي ٽي پي جو خطرو ٽاري ڇڏيو، پاڪستان ۾ داعش جو وجود ناهي:نواز شريف

سرائيوو(م.ڊ) وزير اعظم نواز شريف بوسنيا جي وزير اعظم ڊاڪٽر  ڊينيس زوويدي جي آفيس پهچي ويو، جتي هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي ۽ ان جو شاندار استقبال ڪيو ويو، جڏهن ته هٿياربند فوج جي چست دستي سلامي ۽ گارڊ آف آنر پيش ڪيو. تفصيل موجب وزير اعظم نواز شريف، خاتون اول ڪلثوم نواز ۽ صلاحڪار صارق فاطمي سان گڏ بوسنيا جي 3 ڏينهن جي دوري تي گذريل ڏينهن بوسنيا پهتو ته وزير ٽرانسپورٽ هن جو استقبال ڪيو، اڄ هو بوسنيا جي وزير اعظم ڊاڪٽر ڊينيس زوويدي جي آفس پهتو آهي،  جتي ان جي هم منصب استقبال ڪيو ۽ هڪ تقريب به منعقد ڪئي، تقريب ۾ پاڪستان ۽ بوسنيا جا قومي ترانا هلايا ويا ۽ هٿياربند فوج جي دستي سلامي ۽ گارڊ  آف آنر به پيش ڪيو. وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان سان لاڳاپا وڌائڻ واري بوسينيا جي ڪوششون تعريف جوڳيون آهن، بوسنيا جي وزيراعظم سان تمام فائدي واري ڳالهه ٻول ٿي آهي، بوسنيا سان واپار، بزنس، صنعت ۽ تعليم جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، بوسيان جي شهر سرائيوو ۾ بوسنيائي هم منصب سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نواز شريف جو چوڻ هو ته توانائيءَ جي شعبي ۽ پاڪستان ۾ توانائيءَ جي صورتحال تي به تفصيلي ڳالهه ٻول ٿي آهي، بوسنيا سان ٽيڪسٽائل ۽ زراعت جي شعبي ۾ سهڪار چاهيون ٿا، وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيوته بوسنيا ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي لاءِ پاڪستان مان وفد موڪلڻ تي به ڪم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان جي معيشيت ۾ ترقيءَ ۽ سيڙپڪاريءَ جي شرح ۾ واڌ ٿي رهي آهي، بوسنيا ۾ ڪاٺ ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ واپار چاهيون ٿا، بوسنيا جي وزيراعظم سان عالمي معاملن تي ڳالهين جي ڏي وٺ ٿي آهي. وزيراعظم نواز شريف بوسنيا سان لاڳاپن تي ۽ وڌندڙ سهڪار واري عمل تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. ٻي طرف وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ داعش جو ڪو به وجود ناهي، اسان القاعده ۽ ٽي ٽي پي جي خطرن کي موثر طور اڪلايو آهي. بوسنيا جي دوري تي موجود وزير اعظم نواز شريف پارلياماني گروپ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته اسان القاعده ۽ ٽي ٽي پي جي گهرن  محفوظ ٿاڪن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڳري قيمت ادا ڪري چڪا آهيون. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي گڏيل خطري کي ختم ڪرڻ  جو مڪمل عزم ڪيو آهي. ڀارت بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن تڪرارن جو پرامن حل چاهيون ٿا ۽ افغانستان سان لڳندڙ سرحد تي بارڊر مينيجمينٽ درست ڪري رهيا آهيون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *