تازيون خبرون

اقليتي برادري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي آهي: ممنون حسين/نواز شريف

اسلام آباد(م.د) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته اقليتي برادري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. مسيحي برادري پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ ۽ امن جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهي. ڪرسمس جي موقعي تي جاري بيان ۾ وزير اعظم چيو ته اقليتي برادري ڪيترن ئي شعبن ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهي آهي ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سماجي ۽ اقتصادي ترقي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ مسيحي برادري کي ساراهيان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته مسيحي برادري جي حب الوطني، خدمت ۽ ملڪ سان وابستگي کي قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو ۽ اميد آهي ته اقليتي برادري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خدمتون جاري رکندي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *