تازيون خبرون
ٽرمپ جي ڪشمير مسئلي تي وري ٽياڪڙي جي آڇ، ڀارت تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ زور - وفاقي حڪومت جو نجي شخصيتن تائين نيب ڪارروائي جا اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو - سرڪاري ملازم غير قانوني حڪم مڃڻ جو پابند ناهي: سپريم ڪورٽ - ستلج ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ، 33 ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏ پلاڻ - ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ لاٿ وڏي ڪاميابي آهي: عمران خان - صادق سنجراڻي سان اسد قيصر جي ملاقات، ڪشمير مسئلي کي بين الاقوامي سطح تي اٿارڻ لاءِ پارليامينٽ جا وفد موڪلڻ جو فيصلو - شاهه محمود قريشي جو آئيوري پوسٽ، ڊينش ۽ ناروي جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون - ڪراچي جو ڪچرو سڀني کي صاف ڪرڻ کپي پر تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف آهن: سعيد غني - ايف بي آر ٽيڪس  نيٽ کي وسعت ڏيندي هڪ لک امير ٽيڪس نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا - هتي ويچارا ٿي اچن ٿا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن ڪراچي ۾ قبرن لاءِ جاءِ نه ملندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

افغانين کي ملڪ بدر ڪرڻ جا بندوبست ڪيا وڃن: آصف زرداريءَ جي وڏي وزير کي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ هائوس ۾ امن امان بابت اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس دوران وڏي وزير ڪو چيئرمين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پوليس جون صلاحيتون وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون، پوليس بهتر ڪم ڪري رهي آهي پر اڃا گھڻو ڪجھه ڪرڻو آهي، سنڌ حڪومت 94 مدرسن جي فهرست وفاق کي موڪلي هئي، هيءَ فهرست انٽيلي جنس ايجنسين جي اطلاعن جي بنياد تي ٺاهي وئي هئي، پر اسان کي ڪا خاص مدد نه ملي، اسان چاهيون ٿا ته انهن تي نظر رکي وڃي،ان موقعي تي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جو چوڻ هو ته اسان کي خبر آهي ته سرحد کان هي دهشتگرد داخل ٿي رهيا آهن، اسان کي خبر آهي ته اسان جي ڪهڙن شهرن ۾ ڪير سهولتڪار آهي، جيڪڏهن اسان قدم کنيا ته دهشتگردن جو ڪم ڏکيو ڪري سگھون ٿا، اسان کي پنهنجي حڪمت عملي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جي وڏن به هڪ مدرسو ٺاهيو هو جنهن قائد اعظم تعليم حاصل ڪئي، ڪجھه مدرسا اسان جي ٻارن کي ڀٽڪائڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن، ڪجھه طاقتون پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿيون، هي اسان ججو ملڪ آهي، اسان پنهنجي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪنهن اجازت نه ڏني ويندي، اڳوڻي صدر آصف عيل زرداريءَ وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته افغانين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو بندوبس ڪيو وڃي. وڏي وزير اجلاس کي آگاهه ڪندي چيو ته اسان پوليس ۾ ڏوهارين جي ڊيٽا بيس جوڙِ ورتي آهي، پوليس جي کاتي ۾ آءِ ٽي قائم ڪئي قائم ڪئي آهي، ان ڊيٽابيس سان ڏوهارين تائين پهچي سگھجي ٿو، وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ جا ماڻهو پرامن آهن، دهشتگردن کي هتي ڪو آپگھاتي حملو ڪندڙ نه مليو، اهو ئي سبب آهي جو دهشتگرد آپگھاتي بمبار ٻين علائقن مان ٿا آڻين، باقي اها ڳالهه آهي ته هتي سهولتڪار موجود آهن، اسان سهولتڪارن خي ڳچيءَ تائين پهچنداسين، آص علي زرداريءَ وڏي وزير کي وفاق سان ڳالهائي غير ملڪين جي نيڪاليءَ سميت سمارٽ سٽي منصوبو شروع ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي، ان موقعي تي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ 700 صوفين جو درگاهون آهن، اتي ڪجھه مسئلا آهن، ڪجھه درگاهن کي چؤديواري به ناهي جيڪڏهن آهي ته ننڍيون آهن، ڪجھه درگاهن جي چوڌاري حد دخليون به آهن، جڏهن ته ڪجھه مدرسن کي اندريون ۽ ٻاهريون ڀتيون به نه آهن، اتي ڪي نظر رکندڙ ٽاور به نه آهن، عورتن جي جھڙتي وٺندڙ به نه آهن.36

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *