تازيون خبرون

اظهر ڪينگروز کي بي وس ڪري ڇڏيو، پاڪستان جون 6 وڪيٽن تي 310 رنسون

ميلبورن (اسپورٽس نيوز) ميلبورن ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن به پاڪستاني ٽيم اوپنر اظهر علي شاندار بيٽنگ عيوض 6 وڪيٽن جي نقصان تي 310 رنسون ٺاهي ورتيون. ميلبورن ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پاڪستان چئن وڪيٽن جي نقصان تي 142 رنسن کان رهيل اننگ شروع ڪئي ته ڪريز تي موجود اظهر علي ۽ اسد شفيق ذميواري سان بيٽنگ ڪئي. اسد شفيق 50 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته اظهر علي شاندار سينچري اسڪور ڪئي. ڇهون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر سرفراز احمد هو، جيڪو 10 رنسون ٺاهي سگهيو. ٻئي ڏينهن به برسات سبب ميچ متاثر ٿي. راند ختم ٿيڻ تي پاڪستان 6 وڪيٽن جي نقصان تي 310 رنسون ٺاهي ورتيون. اظهر علي ۱۳۹ ۽ محمد عامر ۲۸ رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.27

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *