تازيون خبرون
وفاقي ڪابينا بلاول ڀٽو ۽ مراد شاهه جا نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي - ايترو ڀت سان نه لڳايو جو عوام منهنجي هٿ ۾ نه رهي: آصف زرداري - اسان کانسواءِ ڪنهن کي به پاڪستان ۾ دلچسپي ناهي: فواد چوڌري - نيٽو اجلاس ۾ ڪنهن به ملڪ پاڪستان جي ڪردار تي تنقيد ناهي ڪئي: جنرل زبير محمود - پارليامينٽ ميمبر پرڏيهه وڃڻ لاءِ بي چين ۽ ڪجهه قانوندان اي سي ايل کان ڊنل ڇو آهن؟ : عمران خان - وزير اعظم سنڌ اچي چوي ٿو سازشون ڪرڻ اچي رهيا آهيون، ڪابه طاقت سرڪاري دوري تي ٻاهر وڃڻ کان روڪي نه ٿي سگهي: وڏو وزير - جوڊيشري ۾ ڪرپشن انصاف جو قتل آهي ، جج جي زندگي ۾ خوف جي ڪابه گنجائش نه هوندي آهي: چيف جسٽس ميان ثاقب نثار - خورشيد شاهه جي مخالف ڌر اڳواڻ سان ملاقات، غليظ ٻولي خاموشي سان ٻڌي نٿا سگهون: شهباز شريف - منهنجا حوصلا بلند آهن، جلد عوام جي وچ ۾ هوندس: نواز شريف - قومي حڪومت قائم ڪرڻ جي ضرورت ناهي نه حامي آهيون، وفاق غير آئيني قدم کنيو ته ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي: خورشيد شاهه

اطلاعات آفيسر منفي پهلوئن کي مثبت تعميري سرگرمين ذريعي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ آڻين: ناصر حسين شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه اطلاعات کاتي جي آفيسرن تي زور ڀريو آهي ته حڪومتي سرگرمين ۾ پنهنجي پيشيواراڻين صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي منفي پهلوئن کي مثبت تعميري سرگرمين جي ذريعي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ فوري عمل ۾ آڻين. اها ڳالهه هن اڄ پنهنجي آفيس ۾ سمورن حڪومتي کاتن جي پبلڪ رليشن آفيسرن، اطلاعات کاتي، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آفيسرن سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ خاص طور تي ايم پي اي خيرالنساءَ مغل، پيپلز پارٽي ڪراچي عورت ونگ جي سيڪريٽري اطلاعات سعديه جاويد، اطلاعات واري سيڪريٽري عمران عطا سومرو، ڊائريڪٽر اطلاعات اليڪٽرانڪ ميڊيا ثناءُ الله راڄڙ، ڊائريڪٽر پبليڪيشن ڊاڪٽر معيز الدين پيرزادو ۽ سمورن آفيسرن شرڪت ڪئي. صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اطلاعات آفيسرن تي اهم ذميواري عائد ٿئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل کاتن جي سرگرمين لاءِ پنهنجن ذميوارين کي ڀرپور نموني سان سرانجام ڏين. جيڪڏهن ڪابه منفي خبر يا رپورٽ ميڊيا تي اچي ٿي ته ان کي فوري طور لاڳاپيل وزير، سيڪريٽري يا اداري جي سربراهه پاران ردعمل کي يقيني بڻائين ۽ حقيقت تي ٻڌل سمورن پهلوئن کي اجاگر ڪن ته جيئن عام ماڻهو کي حڪومتي اپائن جي بروقت معلومات ۽ صحيح رپورٽ ملي سگهي. هن چيو ته حڪومت جي عوامي مفادن، فلاحي پروگرامن ۽ ٻين اپائن کي مثبت طريقي سان سرگرمين لاءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان تعلقات کي وڌيڪ فروغ ڏئي نتيجا حاصل ڪيا وڃن ۽ انهن سان مسلسل رابطي ۾ رهن. صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه هدايت ڪئي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نظام ۾ جديد تقاضائن جي مطابق وسيع نظام وضع ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ حڪومتي سرگرمين کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ گهربل جاءِ ملي سگهي ۽ حڪومتي پاليسين کي پراثر نموني نمايان ۽ ردعمل ڏين. هن سيڪريٽري اطلاعات عمران عطا سومرو کي هدايت ڪئي ته اطلاعات آفيسرن کي فيلڊ ۾ پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي ته جيئن هو حڪومتي سرگرمين لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. ڇو ته اهي آفيسر حڪومت ۽ ميڊيا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ تعلقات روزمره جي بنياد تي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿي سگهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *