تازيون خبرون

اسان کي سياست مان نيڪالي ڏيڻ جون سازشون ڪندڙ پاڻ به ساست نه ڪري سگهندا: خواجا سعد رفيق

هري پور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اسان کي ڪير به سازش ڪري سياست مان ڪڍي پاڻ به سياست نٿو ڪري سگهي، اسان هٿن ۾ چوڙيون ناهن پاتيون، پنهنجي حڪومت بچائڻ ڄاڻون ٿا. خواجا سعد رفيق ن ليگ جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته عوام جي عدالت ۾ ن ليگ جو ڪيس کڻي آيو آهيان، ملڪ جو عوام فيصلو ڪري ته الزام، گاريون، ڪوڙ، بهتان ۽ ڪردار ڪشي ڪيتري دير ٻڌندو؟ تحريڪ انصاف وارن کي ڪو ڪم ته آهي ڪونه، رڳو ڪوڙ ڳالهائڻ تي زور اٿن. منهنجو عوام کان سوال آهي ته نواز شريف جي جماعت کي پاڪستان جي خدمت جو موقعو مليو ته ملڪ جو ڪهڙو حال هو؟ اسان جڏهن حڪومت سنڀالي تڏهن ملڪ ۾ دهشتگردي عام هئي ۽ قوم جو خزانو خالي ٿي چڪو هو، ڪراچي ۾ سوين ماڻهو ماريا ويندا هئا، جن جو ڪو ڌڻي سائين نه هو ۽ پاڪستان کي ان وقت نواز شريف جي حوالي ڪيو ويو، جڏهن ريلوي سميت قومي ادارا آخري پساهن ۾ هئا، جن کي نواز شريف پنهنجي ڏينهن رات جي اڻٿڪ محنت سان ٻيهر بحال ڪيو ۽ قومي ناڻي کي ڀريو. هن چيو ته مخالفن کان پڇي ٿو ته ڪهڙو واعدو نواز شريف پورو ناهي ڪيو يا ڪوشش ناهي ڪئي؟ اسان جي قيادت تي بي بنياد الزام هنيا ويا. هن چيو ته سياسي جوڪرن گادي واري شهر ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو، دنيا کي ڪهڙو پيغام مليو؟ اسان برداشت ڪندا رهياسين، جنوني رقص ڪندا رهيا. پي ٽي وي تي قبضو ڪيو ويو ۽ اهو ئي نه وزيراعظم هائوس تي به حملو ڪيو ويو. ٻه جنوني ملڪ تي قبضو ڪرڻ آيا هئا، انهن کي گهرجي ته هڪ هڪ ڪري روانا ٿين، اسان نوان اداڪار ناهيون، سياسي ڪارڪن آهيون، اسان کي خبر آهي ته ملڪ ڪيترين قربانين سان ٺهيو آهي ۽ عسڪري جدوجهد سان وجود ۾ نه آيو آهي. خواجا سعد رفيق چيو ته ڪراچي جو امن واپس اچي رهيو آهي، بلوچستان ۾ پهاڙن تي ويل ماڻهو قومي ڌارا ۾ شامل ٿي رهيا آهن، جڏهن ته هري پور کان گوادر تائين ترقي جا منصوبا لڳي رهيا آهن. پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته اوهان چيو ته پاڪستان بدلائي ڇڏينداسين، خيبر پختونخواهه ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا ويا، انهن وڻن سليماني ٽوپي پاتي آهي، انڪري نظر نٿا اچن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *