تازيون خبرون

اسان جي نظر ۾ ڀٽي صاحب جو دور سول آمريت جو دور هو، هڪ ٻئي کي معاف نه ڪيو ته ملڪ اڳتي نه وڌي سگهندو: خواجا سعد رفيق

لاهور(م.ڊ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اسان جي نظر ۾ ڀٽي صاحب جو دور سول آمريت جو دور هو، هڪ ٻئي کي معاف نه ڪيو ته ملڪ اڳتي نه وڌي سگهندو.  لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته اسان وڏي وقت تائين معاف ڪيو ۽ اڳتي وڌڻ جي پاليسي اختيار ڪئي، ڪجهه ماڻهن کي پنهنجي تاريخ تي آڪڙ ڪرڻ جي ضروت ناهي، بينظير جي وڃڻ سان جيڪو خال خالي ٿيو اهو اڃان تائين ناهي ڀرجي سگهيو. بلاول کي پنهنجي ماضي جي تاريخ تي نظر وجهڻ گهرجي.هن چيو ته اسان جي پارٽي ۾ ٻلي جيان ميائون ميائون ناهي ٿيندي، اسان جي پارٽي ۾ صلاحون ٿينديون آهن. اسان جي قيادت ڪيترائي ڀيرا ڪارڪنن جي ڳالهه مڃي پنهنجا فيصلا بدلائي ڇڏيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي پارٽي ۾ راءِ شماري ٿيندي آهي، قييادت سان بحث ٿيندو آهي. شهباز شريف مون کي حوصلي سان قابو ۾ ڪيو ان کان پوءِ مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪندو آهيان. عمران خان ڌرڻي بدران اسيمبلي جو گهيراءُ شروع ڪيو، ڪارڪردگي جي بنياد تي 2018ع  جي اليڪشن کٽيندا، عمران خان پنهنجي صوبي ۾وڃي ۽ ڪم ڪري، پيپلز پارٽي نعرن بدران ڪم ڪري.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *