تازيون خبرون

اسان جي دشمني پاڪستان دشمنن سان آهي، دشمن کان بلوچستان جي ترقي هضم نه پئي ٿئي: آرمي چيف

ڪوئيٽا (اين اين آءِ) آمريڪي چيف قمر جاويد باجوا چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي سي پيڪ جي وقت سر مڪمل ٿيڻ خطي کي ترقي جي نئين دور ۾ داخل ڪندي بلوچ عوام ملڪ جي دشمنن کي رد ڪري چڪا آهن اڻڄائي ۾ دشمن جي چوڻ تي ايندڙ ڀائرن جي لاءِ اسان جا دروازا هر وقت کليل آهن منهنجو تعلق بلوچ ريجمينٽ سان آهي پاڻ کي بلوچي چورائڻ تي فخر ٿئي ٿو پاڪ فوج قومي يڪجهتي جي مظهر آهي بلوچستان جا نوجوان ملڪ جي بچاءُ ۾ ڪنهن کان به پوئتي نه آهي ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ريڪروٽس جي پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته اسان جي دشمني پاڪستان جي دشمنن سان آهي بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي ان لاءِ دشمن بلوچستان جي ترقي ۽ روشن مستقبل ۾ رڪاوٽ وجهي رهيا آهن ۽ صوبي ۾ بدامني ڦهلائي رهيا آهن هن چيو ته بلوچستان پاڪستان جو وڏو ۽ اهم صوبو آهي ۽ الله تعاليٰ صوبي کي بيپناهه وسيلا ۽ خطي جي عوام کي بيپناهه صلاحيتن سان نوازيو آهي هن چيو ته بلوچ عوام دشمن جي چالن کي سمجهي ويئي آهي ۽ ملڪ دشمن ماڻهن کي رد ڪري چڪي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ نفرت وجهندڙ ڪجهه ماڻهو جلد ختم ٿي ويندا. ان کان پوءِ آرمي چيف پاڪسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪيو جنهن ۾ اعليٰ فوجي اختيارين شرڪت ڪئي آرمي چيف جي اعزازي لٺ ريڪروٽ عرفان علي کي ڏني ويئي جڏهن ته ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ جو تلائي تمغو ريڪروٽ لياقت علي کي ڏنو ويو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *