تازيون خبرون
ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ جو موقعو، وفاقي ڪابينا ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي - ڪشمور: مسافر وين کي باهه،3 عورتن ۽ ٻارڙي سميت 5 ڄڻا سڙي فوت، 6 زخمي - حڪومتي ادارا سياسي انتقام لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن: ن ليگ - سنڌ اسيمبلي ۾ رڳو هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ لاءِ بحث ٿيندو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ - سڌ سماءِ صلاحڪار جي صدر سان ملاقات، صدر ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ بابت ذميواري ڏني آهي: فردوس عاشق اعواڻ - آمريڪا پاڪستان تي ڪا ويزا پابندي نه لڳائي آهي، ميڊيا ۾ ڪوڙيون خبرون آيون هيون: شاهه محمود قريشي - حڪومت شهرين جي حفاظت بدران سياسي انتقام ۾ رُڌل آهي: آصف زرداري - پاڪستان پن بجلي جي پيداوار صلاحيت ۾ تازي واڌ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ ٽئين نمبر تي رهيو: رپورٽ جاري - انجينئر امير مقام جي پٽ ۽ سئوٽ جي گرفتاري جي مذمت، ٻه نمبري نئون پاڪستان نه کپي : شهباز شريف - ڪراچي مان ٻه مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل ايم بي بي ايس جي شاگردياڻي عروج صديقي جي ڊرامائي انداز ۾ گهر واپسي

اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته گو نواز گو جو نعرو سڄي ملڪ ۾ گوجندو: بلاول ڀٽو

لاهور (اين اين آءِ) سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو پنجاب ۾ به ملهايو ويو، هر طرف سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا جلوها،  بلاول ڀٽو سميت پ پ اڳواڻ توڙي ڪارڪنن هڪي ٻئي کي اجرڪ ۽ توپيون پارايون، نوجوانن جا سنڌي گيتن تي رقص، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته جاڳ پنجاب جاڳ پاڪستان سڙي رهيو آهي، تخت رائيونڊ وارو ٻڌو هاڻ اسان گو نواز گو جو نعرو چار ديواري ۾ هڻي رهيا آهيون، جيڪڏهن اسان جا 4 مطالبا نه مڃيا ويا ته اهو سڄي ملڪ ۾ گوجندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول هائوس لاهور ۾ پ پ سنڌ جي ورڪرز ڪنويشن کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي بختاور ڀٽو، آصفا ڀٽو، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سيد خورشيد شاهه، نثار احمد کهڙو، شيري رحمان سميت ٻيا به گڏ هئا، ان موقعي تي سنڌ جي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو، بلاول ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته گهرو وزير چوڌري نثار علي خان سبب نيشنل ايڪشن پلان ناڪام ايڪشن پلان بڻجي ويو آهي، گو نثار گو جو نعرو تخت لاهور مان اٿي رهيو آهي، گو نثار گو جو نعرو هڻائيندي چيو ته جاڳ پنجاب جاڳ پاڪستان سڙي رهيو آهي، هن ڪارڪنن کان پڇيو ته جڏهن کان بي بي شهيد جو پٽ آيو ڇا سنڌ ۾ تبديلي آئي آهي، پارٽي ۾ تبديلي اچي رهي آهي، جيڪڏهن توهان منهنجو ساٿ ڏيو ته انشاالله 2018 ۾ توهان جو وزيراعظم ڪير هوندو، جنهن تي ڪارڪنن بلاول ڀٽو جا نعرا هنيا، ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير بلاول ڀٽو کي سنڌي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پيش ڪئي، ٻين اڳواڻن به هڪٻي کي  سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا ڏنا، ڪنويشن ۾ سنڌ جو ثقافتي شو به پيش ڪيو ويو، بلاول ڀٽو تقرير کانپوءِ ڪارڪنن سان سيلفيو ٺهرايون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *