تازيون خبرون

اداڪارا سني ليون جي هڪ جھلڪ ڏسڻ جي لاءِ لکين ماڻهون گڏ ٿي ويا

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ جي بي باڪ اداڪارا سني ليوني هميشا ئي خبرن ۾ رهندي آهي. جڏهن ته هاڻي  هن هڪ اهڙو ڪارنامو انجام ڏنو آهي جو سياستدان به حيران رهجي ويا آهن. ڀارت جي ڏکڻ ساحلي رياست ڪيرالا ۾ سني ليوني جو ماڻهن هن دفعي اهڙو استقبال ڪيو جو اڄ تائين ڀارتي وزيراعظم مودي جو به نه ٿيو هوندو ۽ ٻئي طرف پاڪستان ۾ به ڪنهن سياستدان جو ماڻهن اهڙي طرح جو استقبال نه ڪيو هوندو. ڀارتي ميڊِيا جي مطابق سني ليوني رياست ڪيرالا جي شهر ڪوچلي ۾ هڪ نيئن اسمارٽ فون (فون4) جي مشهوري جي لاءِ طئي پروگرام ۾ شرڪت جي لاءِ آئي ته ماڻهن جو سمنڊ ان جي استقبال لاءِ اٿلي آيو ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين شهر ۾ ٽريفڪ جام ڏسڻ ۾ آئي. تصوير ۽ ويڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ماڻهن جي تمام وڏي تعداد سني ليوني جي ڪار کي گھيري رکيو هو جنهن تي ان جي گاڏي ڦاسي  پئي، ڪيترن ئي ماڻهن جي استقبال جي تصوير سان گڏ نريندر مودي ۽ راهل گانڌي سميت ٻين ڪيترن ئي سياستدانن جون ڪيرالا آمد جون تصويرون شئير ڪيون انهن جي اداڪارا جي ميڙ سان مشابهت نه ٿي سگھي. ماڻهن جو خيال آهي ته اهڙو تاريخي استقبال ڪيرالا ۾ نه ئي نريندڙ مودي ۽ نه ئي راهل گانڌي سميت ٻين ڪيترن ئي سياستدانن جو ٿيو .

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *