تازيون خبرون
ٽرمپ جي ڪشمير مسئلي تي وري ٽياڪڙي جي آڇ، ڀارت تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ زور - وفاقي حڪومت جو نجي شخصيتن تائين نيب ڪارروائي جا اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو - سرڪاري ملازم غير قانوني حڪم مڃڻ جو پابند ناهي: سپريم ڪورٽ - ستلج ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ، 33 ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏ پلاڻ - ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ لاٿ وڏي ڪاميابي آهي: عمران خان - صادق سنجراڻي سان اسد قيصر جي ملاقات، ڪشمير مسئلي کي بين الاقوامي سطح تي اٿارڻ لاءِ پارليامينٽ جا وفد موڪلڻ جو فيصلو - شاهه محمود قريشي جو آئيوري پوسٽ، ڊينش ۽ ناروي جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون - ڪراچي جو ڪچرو سڀني کي صاف ڪرڻ کپي پر تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف آهن: سعيد غني - ايف بي آر ٽيڪس  نيٽ کي وسعت ڏيندي هڪ لک امير ٽيڪس نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا - هتي ويچارا ٿي اچن ٿا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن ڪراچي ۾ قبرن لاءِ جاءِ نه ملندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

اختلاف پنهنجي جڳهه تي جڏهن ملڪ جو معاملو هجي سنڌ جو وڏو وزير سپورٽ ڪندو آهي: وزير اعظم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ڪراچي ۾ وائٽ آل پائپ لائن موٽر گيسولين منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. تقريب کي خطاب جڪندي وزير اعظم چيو ته تيل کي روڊ جي ذريعي موڪلڻ ۾ نقصان ۽ خطرو آهي، ان ڪري سڄي دنيا ۾ پائپ لائنن کي استعمال ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته ٽينڪرن جو وڏو انگ نظام ۾ هئڻ سبب حادثن جو خطرو رهندو آهي، بهاولپور ڀرسان ٿيل حادثو ان جو مثال آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته ٽرانسپورٽن جي ڪاروبار جو خيال رکيو آهي،  منصوبي سان انهن کي نقصان نه ٿيندو، ٽينڪر سيڪنڊري تيل لاءِ ڪم ڪندا، سندن ڪم ۾ گهٽتائي نه ايندي. هن ٻڌايو ته 15 ارب رپين جي لاڳت وارو منصوبو 20 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو اميد آهي ته تيل اماڻن واري منصوبي تي ڪم جلد کان جلد مڪمل ٿيندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پيٽروليم شين جي معيار کي بهتر بڻايو پيو وڃي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *