تازيون خبرون

آءِ سي آءِ جي جي خبر ۾ غلطيون هيون، ويب سائٽ تان وزير اعظم جو نالو هٽايو ويو آهي : دانيال عزيز

اسلام آباد (اين اين آءِ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته اسان احتساب تي منازري لاءِ تيار آهيون ڪي پي ڪي ۾ احتساب ڪميشن قائم نه ڪندڙ نيب ۽ ايف بي آر جي الزام مڙهي رهيا آهيون عالمي ادارن جي جازن ۾ ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي خراب ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي اڱاري تي پانامه ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايف بي آر ۽ نيب تي الزام مڙهڻ صحيح عمل نه آهي هو حڪومت جي اشارن تي ڪم نٿي ڪري نيب جي چيئرمين کي حڪومت نه پر ججن جي ڪميشن تبديل ڪري ٿي دانيال عزيز چيو ته نيب ۽ ايف بي آر تي الزام هڻي عدالت جي چهري تي داغ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي هن چيو ته جڏهن به مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اقتدار ۾ ايندي آهي ته ان تي ڪيس قائم ڪيا ويندا آهن ۽ هاڻي به سپريم ڪورٽ ۾ اهي ڪيس ٻيهر کولڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي جنهن تي پهريان کان ئي عدالتي فيصلا اچي چڪا آهن انهن ڪيسن جي حوالي سان نيب چئي چڪي آهي ته ان ۾ ڪجهه به نه آهي جڏهن ته ايف بي آر جو چوڻ آهي ته ان ڪيس جي حوالي سان نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪوبه جواب ايندو ته ڪيس اڳتي وڌندو هن چيو ته جسٽس انور جمالي جي دور ۾ جڏهن عمران خان پٽيشن کڻي آيو هو ته جسٽس صاحب چيو آهي ته ڪميشن قائم ڪئي وڃي جنهن تي اعمران خان انڪار ڪيو هو جڏهن ته سڀ کان پهريان وزيراعظم نوازشريف عدالت کي درخواست ڏني ته ڪيس کي هلايو وڃي ۽ پاڻ کي عدالت اڳيان پيش ڪري ڇڏيو. عمران خان صرف الزام مڙهي رهيو آهي ان وٽ ثبوت نه آهن ۽ هو اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي هن چيو ته عمران خان کي چئلينج ڪندي چيو ته اسان احتساب لاءِ تيار آهيون. جنهن کي به منازرو ڪرڻو آهي اهو اچي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. مائزه حميد چيو ته عمران خان ڪنٽينر تي بيهي ادارن جو احترام نٿو ڪري ۽ ان تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو هاڻي ادارن تي دٻاءُ وجهڻ سان ڪم نه بڻيو ته هاڻي ان کي ثبوت پيش ڪرڻا پوندا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *