تازيون خبرون
وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان، ڪنهن کي نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين: وفاقي حڪومت - نئوديرو ۾ هٿياربندن هٿان 3 پورهيت قتل، وڏي وزير نوٽيس ورتو، جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت - ڊيل گهرجي نه وري ڪا ڍر، اين آر او گهرندڙن جا نالا ته کڻو: پيپلز پارٽي - ارشاد رانجهاڻي قتل واري واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي، اهو انسانيت جو قتل هوۡ: مراد علي شاهه - جيڪڏهن عورتن کي هيسائجڻ کان نٿا بچائي سگھو، اسان کي شرم اچڻ گھرجي: سپريم ڪورٽ - ساهيوال سانحو: ليبارٽري کي موڪليل سب مشين گنون ۽ پسٽل سانحي ۾ استعمال ئي نه ٿيڻ جو انڪشاف - ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا - پي اي سي جو ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڻ ناهي چيو عمران خان جي خواهش هئي، اسپيڪر غلط پيو وڃي: شيخ رشيد - احسن اقبال ٻڌائي ملتان سکر موٽروي جي ڊيل ڪرائڻ وارو ڪير هيو. ڇا جاويد صادق پرڏيهي ڪمپني جو ايجنٽ ۽ آپڪا فرنٽ مين نه هيو؟ : مراد سعيد - سنڌ جي ٿر ۾ 610 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي جي موجودگي جو انڪشاف

آءِ جي پنهنجي مرضي جو رکنداسين، چوڌري نثار هدايتون نه ڏي: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته چوڌري نثار آءِ جي سنڌ جي مقرري جي معاملي تي هدايتون نه ڏي،  آءِ جي جي مقرري پنهنجي مرضي سان ڪنداسين. ريگيوليٽري اٿارٽيز جي لاڳاپيل وفاقي وزارتن ڏانهن منتقلي مفادن ۾ ٽڪراءُ آهي ۽ اهڙي فيصلي سان سندن آزادي متاثر ٿيندي. پاڪستان جي وزيراعظم نواز شريف کي لکيل خط ۾ هن ان سلسلي ۾ 20 ڊسمبر تي اليڪٽرونڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ وسيع نموني رپورٽ ٿيندڙ خبر تي ڌيان ڇڪرايو، جنهن ۾ وفاقي حڪومت ريگيوليٽري اٿارٽيز جو انتظامي ڪنٽرول ڪيبنٽ ڊويزن کان لائين وزارتن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي خط ۾ هن لکيو آهي ته ريگيوليٽري اٿارٽيز جهڙوڪ نيپرا، اوگرا، پي ٽي اي، پي پي آر اي، ايف اي بي کي لائين وزارتن جهڙوڪ پاڻي ۽ بجلي، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن، ناڻي ۽ انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام کي منتقل ڪرڻ مفادن جو ٽڪراءُ آهي، جنهن سان ريگيوليٽري اٿارٽيز جي آزادي کي سنگين خطرو ٿيندو ۽ سندن ڪم پڻ متاثر ٿيندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته حقيقت ۾ ريگيوليٽري اٿارٽيز لائين وزارتن تحت ڪم ڪندڙ تجارتي آپريشن کي آزاداڻي طريقي سان ريگيوليٽ ڪندي آهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي مستقل سيڪريٽريٽ جي شق 154 (1) ۽ (3) تحت ريگيوليٽري اٿارٽيز کي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪيبنٽ ڊويزن انهن ادارن کي ڪنٽرول ڪري رهي آهي، سمورين ريگيوليٽري اٿارٽيز وفاقي قانونسازيءَ جي فهرست جي انٽري نمبر ڇهه جي ڀاڱي ٻه جي وفاقي قانون تحت قائم ڪيون ويون آهن ۽ سي سي آءِ ان جي سپروائيز، ڪنٽرول ۽ پاليسي جوڙڻ جي حوالي سان مجاز فورم آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت ريگيوليٽري اٿارٽيز جو ڪنٽرول ڪيبنٽ ڊويزن کان لائين وزارتن ڏانهن منتقل ڪرڻ يڪطرفو فيصلو ڪيو آهن ۽ اهو سي سي آءِ جي منظوريءَ بنا ٿيو آهي، جيڪو سي سي آءِ جي ڊومين کان تجاوز ۽ غيرآئيني آهي. سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي خط ۾ پاڪستان جي وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته ان نوٽيفڪيشن کي فوري طور تي رد ڪيو وڃي ۽ عوام جي مفاد ۾ ريگيوليٽري اٿارٽيز کي آزاداڻي ريت ڪم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سي سي آءِ جو اجلاس گهرايو وڃي جنهن ۾ ان مامري تي غور ويچار ڪيو وڃي. سيد مراد علي شاهه پنهنجي خط جي آخر ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مون کي اميد آهي ته ان حوالي سان مثبت جواب حاصل ٿيندو

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *