تازيون خبرون

مان سمجھان ٿي ته مون تي ”دوزخ“ جا دروازا کُلي ويا آهن :شروتي سيٿ

ممبئي (شوبز نيوز) سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ ٽوئٽر ذريعي ڀارتي وزيراعظم نريندر موديءَ تي تبصرو ڪرڻ کان پوءِ اداڪارا شروتي سيٿ کي تمام گھڻي نفرت وارا پيغام ملي رهيا آهن. شروتي ڀارتي وزيراعظم نريندر موديءَ نالي کُليل خط لکيو هو، جنهن ۾ هن نريندر موديءَ پاران ڌيئرن سان سيلفيون ٺاهي اپلوڊ ڪرڻ واري مهم کي ”ناٽڪ“ لکي کيس صلاح ڏني هئي ته ڀارت ۾ عورتن سان ڪهڙيون وارداتون ٿي رهيون آهن، اوهان کي انهن کي نظر ۾ رکندي ڪي ”ٺوس“ قدم کڻن گھرجن، جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شروتيءَ مٿان تنقيد جي سونامي اُٻڙي پئي ۽ کيس نه ڄاڻ ڪهڙن ڪهڙن خراب لفظن سان نوازيو ويو. شروتيءَ وزيراعظم نالي کليل خط ۾ اهو به لکيو هو ته تبديلي آڻڻ جي لاءِ سجاڳي گھربل هوندي آهي ۽ ڌيئرن سان سيلفيز شيئر ڪرڻ سان ڪا تبديلي نه ايندي، هن ٽوئٽر تي ڇِتي تنقيد کان پوءِ چيو ته کيس هڪ ڀارتي شهري هجڻ جي ناطي پنهنجي خيالن جو اظهار ۽ وزيراعظم ۽ ملڪ جي پاليسين تي ڳالهائڻ جو به حق ناهي. منهنجي اهڙن خيالن کي وزيراعظم جي توهين سمجھيو پيو وڃي ۽ مان سمجھان ٿي ته مون تي ”دوزخ“ جا دروازا کُلي ويا آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *