بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور 7 جولاءِ تي ميرا راجپوت سان شادي ڪندو
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور 7 جولاءِ تي ميرا راجپوت سان شادي ڪري رهيو آهي، جنهن جا دعوت ناما به مهمانن تائين پهچي چڪا آهن. شاهد ڪپور ميرا راجپوت اڳيان پنهنجي دل هارائي ويٺو هو. شاهد ۽ ميرا راجپوت جي 7 جولاءِ تي ٿيندڙ شادي تقريب جون تياريون پنهنجي عروع تي آهن، شاديءَ جو ڪارڊ ڇپجڻ ۽ ماڻهن تائين پهچائڻ واري ڪم دوران هڪ هنڌ صحافين اداڪار کي جھلي ورتو، جتي سندس خوشي ڏسڻ وٽان هئي، اداڪار صحافين کي چيو ته اوهان به ضرور شادي تقريب ۾ شرڪت ڪجو، هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد ڪپور چيو ته کيس شاديءَ دوران تحفن جي نه پر دعائن جي ضرورت آهي، شاديءَ جي رنگين تقريب ۾ بالي ووڊ جا نامي گرامي فنڪار ۽ فنڪارائون شرڪت سميت پرفارم به ڪندا.
Leave a Reply