تازيون خبرون

ڪوئيٽا سانحي جي رپورٽ چئلينج ٿيندي….!

گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ جي سيڪيورٽي انتهائي حساس آهي، ڪجهه شيون رپورٽ ۾ آيون جن کي ڪوٽ ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ سرڪاري نه پر ذاتي الزام هنيا ويا آهن جنهن تي مون وزيراعظم کي چيو ته مون کي پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ جي نه ٿي ڏني وڃي ته پوءِ آئون استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس جنهن کانپوءِ مون کي اجازت ملي آهي. ان کان اڳ ۾ جيڪي به فيصلا آيا آهن اهي مون سدائين تسليم ڪيا آهن پر هينئر جيڪو مون کي نقصان پهچايو ويو آهي اهو منهنجي لاءِ ناقابل برداشت آهي، منهنجا مخالف جيڪو منهن ۾ اچي ٿو چئي ڇڏين ٿا. آئون ڪجهه ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ۽ پارليامينٽ ۾ پنهنجو ۽ گهرو وزارت جو موقف پيش ڪندس. آئون 5 ڀيرا نيشنل ايڪشن پلان کي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري چڪو آهيان، مون کي موقعو مليو آهي آئون پنهنجو موقف هر جاءِ تي پيش ڪندس. نيشنل ايڪشن پلان تي جنهن کي خبر ئي نه آهي اهو به خيالن جو اظهار ڪري ٿو.

ڪوئيٽا ڌماڪي تي ڪميٽي ٺهڻ کانپوءِ مون کي هڪ خط مليو جنهن ۾ مون کان سوال ڪيا ويا هئا ۽ پڇيو ويو ته آئون اهلسنت والجماعت جي وفد جنهن جي سربراهي مولانا لڌيانوي ڪئي ان سان ڇو مليس جنهن جي جواب ۾ مون چيو ته اها ڳالهه ٺيڪ نه آهي، آئون اهڙي ڪنهن به وفد سان ناهيان مليو. ٻيو سوال هو ته اهلسنت والجماعت کي اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت ڇو ڏني وئي جنهن جي جواب ۾ مون لکيو ته جلسي جي اجازت ڏيڻ يا نه ڏيڻ منهنجي نه پر ضلعي انتظاميا جو اختيار آهي ۽ جڏهن مون ان بابت پڇيو ته مون کي ٻڌايو ويو ته اهلسنت والجماعت جلسي جي اجازت نه گهري هئي ۽ نه ئي وري ان کي ڏني وئي. ٽيون سوال ته نيڪٽا جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمين جي حيثيت سان ٻڌايو ته نيڪٽا جو اجلاس ڇو ناهي ٿيو جنهن جي جواب ۾ مون چيو ته اها ڳالهه درست نه آهي نيڪٽا جو آخري اجلاس 2014ع ۾ ٿيو هو بعد ۾ تعطل جو سبب نيڪٽا ايڪٽ قانون تحت نيڪٽا جو ڪم بورڊ آف گورنرز جي فيصلن تي عملدرآمد ڪرائڻ يا انهن جي معاملن کي سرانجام ڏيڻ آهي جيڪو بورڊ آف گورنرز جي ذمي آهي ان لاءِ اجلاس ناهي ٿيو. چوٿون سوال هو ته بورڊ آف گورنرز جو اجلاس ڪڏهن به ناهي ٿيو جنهن جواب ۾ مون چيو ته اهو سوال وزيراعظم هائوس بابت آهي ۽ ان کان ئي پڇيو وڃي. پنجون سوال هو ته گهرو وزارت ۾ گهرو سيڪريٽري کانسواءِ اسپيشل سيڪريٽري به موجود آهن اهو ڇو جنهن جي جواب ۾ مون چيو ته اسپيشل گهرو سيڪريٽري جي مقرري قانون موجب ڪئي وئي آهي ۽ ان جي قانون ۾ واضح گنجائش آهي ۽ مون اهو به چيو ته اسپيشل سيڪريٽري اتي مقرر ڪيا وڃن ٿا جتي ڪم گهڻو هجي.

مون ميڊيا ۾ پڙهيو ته مون ڪالعدم پارٽين سان ملاقات ڪئي آهي، دفاع پاڪستان ڪائونسل ڪالعدم پارٽي نه آهي، ان ۾ (ق) ليگ به شامل آهي. جڏهن دفاع پاڪستان ڪائونسل جو 8 رڪني وفد آيو ته مون کي خبر نه هئي ته مولانا لڌيانوي به ان وفد ۾ شامل آهي ۽ ڇا اچڻ کانپوءِ آئون مولانا لڌيانوي کي چوان ها ته توهان ٻاهر هليا وڃو. مولانا لڌيانوي چونڊ وڙهي ايم اين اي بڻجي ته ڪنهن کي به اعتراض نه آهي، اهو جماعت اسلامي کان پڇيو وڃي ته هو مولانا لڌيانوي کي ڇو وٺي آئي. فورٿ شيڊيول ۾ شامل ڪنهن به شخص جي شهريت ختم نه ٿا ڪري سگهون. ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي کان پهرين آگاهه ڪيو ويو هو ۽ مختلف واقعن کان اڳ ۾ اطلاع ڪيو ويو هو پر مون ڪڏهن به ڪنهن جو پٽڪو ناهي لاٿو. منهنجي لاءِ وزارت نه پر عزت اهم آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي جج کي به اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪو سندن سامهون پيش ٿي رهيو آهي انهن جي به عزت آهي. سپريم ڪورٽ توهين ڪندڙ ادارو ٿيندو ته آئون خاموش نه ويهندس. هاڻي آئون ٻڌائيندس ته نيشنل ايڪشن پلان ڇا آهي مون ڪا به آف شور ڪمپني ناهي ٺاهي، مون ڪا به ايل اين جي ڪوٽا ناهي ورتي ۽ نه ئي وري ڪا فيڪٽري لڳائي آهي، ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري تي ڊي جي رينجرز ان وقت جي آرمي چيف سان ڳالهايو هو، ايان علي ۽ ڊاڪٽر عاصم حسين جي ڪيس جا الزام مون تي هنيا وڃن ٿا پر جڏهن ڊاڪٽر عاصم حسين گرفتار ٿيو ان وقت ته آئون لنڊن ۾ هئس. مون سياست کي پئسي جو ذريعو ناهي بڻايو. مون کان جيڪي سوال پڇيا ويا انهن ۾ ڪوئيٽا جو ته نالو ئي نه هو، پوءِ مون ڪيئن غلط بياني ڪئي. آئون سپريم ڪورٽ کي چوان ٿو ته مون کي جلد کان جلد ٻڌو وڃي ۽ پوءِ جيڪو وڻي سو فيصلو ڪيو وڃي، عهدو عزت کانسواءِ لعنت وانگر آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *