تازيون خبرون

ڪرپشن ڪيسن جي ڇنڊڇاڻ به ٿيندي يا نه..

چار ڏهاڪا آمريت جي انڌاري ۾ رهندڙ هن مُلڪ جي جمهوريت پسند اڳواڻن جو جيڪو حال آهي، سو ڄاڻايل نيب واري فهرست مان پڌرو آهي ته اُهي ڪيتري قدر جمهوري قدرن جا پاسدار آهن. ستهٺ سال مڪمل ڪرڻ واري هن مُلڪ جو حال هيءُ آهي جو اڪثريت پيئڻ لائق پاڻيءَ کان محروم آهي، ماڻهو غلاظت ڀريل گهٽين ۽ محلن ۾ رهڻ تي مجبور آهن، صحت سندن زندگين کان جيئن رُٺي آهي ته ورڻ جو نانءُ نه ٿي وٺي. ڪٿي ڏڪار ماڻهن جا ڏيل ڏڪائي ٿو، ڪٿي هيپاٽائيٽس ماڻهن کان سَتُ ساهه ڦري ورتو آهي ته ڪٿي اُرڙي ۽ ٻيا مرض نئون دم ڀري اُٿندا رهن ٿا. سڄي دنيا جي دانهن باوجود مُلڪ مان پوليو جو خاتمو ناممڪن بڻيل آهي، انهيءَ وبا کي روڪڻ ۾ ڪٿي انتظامي غفلت رُڪاوٽ بڻيل آهي ته ڪٿي انتهاپسندي سندو ڪڍي اُن کي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. تعليم جيڪا ڪنهن به سماج جي اڏاوت لاءِ بنيادي جُز هوندي آهي، سا اهڙو وکر بڻائي وئي آهي جو حڪمرانن توڙي تعليم سان واڳيل ڪامورن جون پنج ئي گيهه ۾ هُجن ٿيون. تعليم لاءِ بجيٽ ۾ مختص ڪيل رقم هُجي يا دنيا کان ملندڙ فنڊ، تعليم تي خرچ ٿيڻ بجاءِ حصو پتي ٿي وڃن ٿا ۽ حال هيءُ آهي جو لکين ٻار اڄ به پوري مُلڪ ۾ وڻن جي ڇانوَ هيٺ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، جنهن سبب جهالت طوفاني رفتار سان وڌندي رهي ٿي. ساڳي صورت ترقياتي مد ۾ پڻ آهي، معدني حوالي سان سُکئي ستابي بلوچستان جي حالت ڏسجي ٿي ته پٿر وارو دؤر ياد پوي ٿو، ساڳيو حشر سنڌ سان پڻ آهي، جيڪا ڪنهن چڱي موچاري منصوبي لاءِ سڪندي رهي ٿي، ٻئي طرف پنجاب آهي جو نت نوان منصوبا متعارف ٿيڻ جون خبرون اينديون رهن ٿيون، موٽر وي کان ميٽرو بس سروس تائين پنجاب کي جديد کان جديد تر بڻائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته باقي صوبا ڪنهن خاطر ۾ ئي ناهن. اهو سڀ اِن ڪري آهي جو اسان وٽ جمهوري قدرن جي ڪا اهميت ئي ناهي سمجهي ويندي.

پنهنجي وجود کان وٺي اڄ تائين مُلڪ اندر جيڪڏهن جمهوريت مضبوط ٿي نه سگهي آهي ته اُن پٺيان حڪمرانن جو غير جمهوري رويو ئي رهيو آهي، جنهن ۾ رياست کي ذاتي جاگير سمجهي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڏسجي ته انهيءَ رويي ئي غير جمهوري قوتن کي سدائين پئي ڪوٺ ڏني آهي ته هُو ڀل جمهوري بساط کي ويڙهي ڇڏين. جيڪڏهن حڪمران جمهوري فلسفي تي عمل ڪندڙ هُجن ها، اُهي حڪومتن کي عوام جي ڀلي ۽ بهتريءَ لاءِ ڪتب آڻين ها ته هوند ههڙي قسم جي رسوائي ڀرين خبرن ٻُڌڻ کان قوم بچي پوي ها، پر بدقسمتي چئجي هن خطي جي، جو مُلڪ جي وجود ۾ اچڻ کان اڄ تائين ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اڳواڻن کي ڇڏي باقي اڪثريت ذاتي مفادن جي پورائي کي ئي سياست تصور ڪري ٿي. هُنن سياست کي مثبت انداز ۾ ڏسڻ جي ضرورت ئي محسوس ناهي ڪئي،آهي، سندن مرضيءَ سان ضلعي توڙي تعلقي سطح جا پوليس آفيسر مقرر ٿين، ٿاڻا توڙي ٻيو سڄو عملو سندن تابع هُجي، اُهي انڌي ڪاڻي کي نوڪريون ورهائي ڏين، اِهو ئي هيستائين سياست جو ڪارج سمجهيو وڃي ٿي. اڄ جيڪڏهن مُلڪي کاتا ماهرن کان محروم آهن، ته ههڙي ٻه اکيائيءَ ئي اُن جو وڏو ڪارڻ آهي. جيڪڏهن ميرٽ کي اوليت ڏني وڃي ها، مُلڪ جي سڀني حصن کي هڪ ئي اک سان ڏٺو وڃي ها ته نه علحدگيءَ جهڙيون تحريڪون سامهون اچن ها نه ئي وري صوبا وفاق کان بدظن ٿين ها. انهن سڀني اڀاڳن جو جيڪڏهن تت ڪڍبو ته اُن ۾ اسان جي سياستدانن جو اُهو غير جمهوري رويو ئي سامهون ايندو، جنهن پٽاندر هُنن ڪڏهن به مُلڪ توڙي عوام جي ڀلي لاءِ ناهي سوچيو، بلڪه هُنن جون سموريون ترجيحون پنهنجي خاندان کي سُکيو ڪرڻ توڙي ذاتي ڏيک ويک تي هُجي ٿي. اهي رويا ئي ميگا ڪرپشن جهڙا ڪُڌا عمل ڪرڻ تي آماده ڪن ٿا. بهرحال، ميگا ڪرپشن واري فهرست قومي احتساب بيورو، مُلڪ جي اعليٰ عدالت ۾ پيش ڪئي آهي، هاڻ ڏسڻو اِهو آهي ته انهيءَ فهرست تحت ڪا ڇنڊ ڇاڻ ٿئي ٿي يا ماضيءَ جيان اِهو قصو وقت جي دز هيٺان دٻجي وڃي ٿو!

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *