تازيون خبرون

ڪراچيءَ ۾ ٿيل وارڌات ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا…!

 

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ۽ پرتشدد واقعن ۾ چار ڄڻا قتل ، شاهه فيصل ڪالوني جي علائقي عظيم پورا روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 60 سالن جو پيرسن محمد حسين مارجي ويو، جوابدار فرار . لاش ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال پهچايو ويو. واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ملير جي علائقي ٻڪرا پڙي ۾ نامعلوم جوابدارن جي فائرنگ ۾ 25 سالن جو نوجوان نادر قتل ٿي ويو. هڪ ڄڻو زخمي، جنهن کي ضروري ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، سرجاني ٽائون جي پاور هائوس ڀرسان نامعلوم شخص جو گوليون لڳل لاش مليو، جنهن کي ڪارروائي بعد سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب سردخاني حوالي ڪيو ويو، لسبيلا جي علائقي مان 55 سالن جي نامعلوم شخص جو لاش مليو، جنهن کي ڪارروائي بعد سرد خاني حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن شرافي ڳوٺ ٿاڻي تان هٿيار رکڻ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار رائو نديم ولد حسن علي پراسرار نموني فرار ٿي ويو، جوابدار جي لاڪپ مان فرار ٿيڻ واري اطلاع تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر نوٽيس وٺندي ڊيوٽي تي مقرر 5 پوليس اهلڪارن کي ڊيوٽي ۾ غفلت ۽ لاپرواهي ڪرڻ تي لاڪپ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ايس ايڇ او شرافي ٿاڻو اياز خان جي فرياد تي ڊيوٽي ۾ غفلت ڪندڙ 5 پوليس اهلڪارن جن ۾ سب انسپيڪٽر نظر علي ابڙو، سب انسپيڪٽر منير انڙ، سپاهي سخاوت حسين، سپاهي اختر نواز، سپاهي فضل رحيم تي ايف آءِ آر نمبر 257/15 جرم 223 ۽ 224 تحت داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.  هوڏانهن فرار ٿي ويل جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي. ٻئي پاسي بلديا ٽائون جي علائقي اتحاد ٽائون ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪرڻ دوران مقابلي کان پوءِ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدار جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان  سواتي گروپ سان آهي سندن قبضي مان هٿيار ۽ دستي بم هٿ ڪيا ويا آهن. چنيسر ڳوٺ ۽ محمود آباد ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪندي 18 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ جاچ شروع ڪري ڏني آهي، شاهه فيصل ڪالوني ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني.

سنڌ ۽ پنجاب جي 20 ضلعن ۾ حڪمرانن جي دورن ۽ بلدين تي پابندي…!!!

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي شيڊول جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي 8 ۽ پنجاب جي 12 ضلعن ۾ 31 آڪٽوبر تي پولنگ ٿيندي، چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار محمد رضا خان سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ شيڊول منظور ڪيو آهي،  پهرئين مرحلي ۾ سنڌ جي خيرپور، سکر، گهوٽڪي،شڪارپور، جيڪب آباد، قمبر – شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي ۽ ڪشمور – ڪنڌڪوٽ ضلعن ۾ ووٽ وڌا ويندا، اهڙي ريت پنجاب جي جن ضلعن ۾ پهرئين مرحلي ۾ پولنگ ٿيندي، انهن ۾ فيصل آباد، لاهور، قصور، ننڪانا صاحب، ڀڪر، اوڪاڙا، بهاولنگر، گجرات، چڪوال، پاڪ پتڻ، وهاڙي ۽ لوڌران شامل آهن. شيڊول مطابق ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 12 کان 17 سيپٽمبر تائين ٿيندي، اليڪشن ڪميشن مطابق اميدوار پهرين آڪٽوبر تائين پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهندا ۽ اميدوارن جي آخري فهرست 2 آڪٽوبر تي جاري ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ سنڌ جي جن ضلعن ۾ 31 آڪٽوبر تي پولنگ جو شيڊول منظور ڪيو آهي، انهن جون چونڊ فهرستون به سيل ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته انهن ضلعن ۾ هر قسم جي ترقياتي رٿائن جي اعلان تي به پابندي هوندي. اليڪشن ڪميشن ووٽنگ لاءِ چونڊيل ضلعن ۾ سرڪاري ملازمن جي بدلين ۽ مقررين تي پڻ پابندي لڳائي ڇڏي آهي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي ويندي، انهن ضلعن ۾ وزيراعظم، وڏا وزير، صوبائي ۽ وفاقي وزير به انهن ضلعن جا دورا ڪري نه سگهندا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *