تازيون خبرون

ڏڪار جون اڳڪٿيون ۽ ڪيل سانڀاها

پاڪستان جي موسميات کاتي جي سربراهه ڊاڪٽر غلام رسول جو چوڻ آهي ته ”اسان کي مُلڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ گهٽ مينهن جي توقع هُئي، جتي پهريان ئي ڏُڪار واري صورتحال پيدا ٿيل آهي. هُن بين الاقوامي ماهرن جي ان مطالعي جي ڪجهه حصن سان اتفاق ڪندي چيو آهي ته ٿرپارڪر، چولستان ۽ بلوچستان جي ڪجهه حصن ۾ صورتحال بدترين ٿيڻ جو امڪان آهي. پاڪستان جي موسميات کاتي جي سربراهه جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ گهٽ بارشون ڏسي رهيا آهيون، جيڪي تقريبن 20 کان 25 ملي ميٽر تائين ٿي سگهن ٿيون، اُهي هن ڏُڪار واري صورتحال ۾ گهڻيون مددگار ثابت نه ٿينديون. انهيءَ اڳڪٿيءَ کي مُلڪ جا حڪمران ڪيترو سنجيدگيءَ سان ڏسن ٿا، اِهو ته وقت ئي ٻُڌائيندو، پر جنهن اداري اِها اڳڪٿي ڪئي آهي اُهو موسمن جي عالمي اداري ڊبليو ايم او جي هڪ علائقائي شاخ طور موسمن جي نگراني ڪندو آهي. ان فورم جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڏکڻ ايشيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ معمول کان گهٽ بارشن جا امڪان آهن، جنهن سبب اهڙن علائقن ۾ ڏُڪار شدت اختيار ڪندو، جتي جي زندگيءَ جو وهنوار بارشن تي هلندڙ آهي. انهيءَ حوالي سان ڏسجي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۽ بلوچستان جا علائقا مُتاثر ٿيڻا آهن. جڏهن ته ٿر گُذريل سال کان ڏُڪار جي لپيٽ ۾ آيل آهي، جتي غذائي کوٽ ۽ انتظامي نااهليءَ سبب نه رُڳو ٿر واسين جا ڍور ڍڳا ۽ ٻيو مال متاعُ تباهه ٿيو، پر سون جي تعداد ۾ سندن معصوم ٻارڙا پڻ موت جي مُنهن ۾ هليا ويا. اُنهن جي زندگيءَ جو سڄو سارو وهنوار برساتن تي آهي، جيڪڏهن هيل به اڳڪٿين موجب برساتون گهٽ ٿيون پون ته اُن سان وڌيڪ نقصان جا امڪان آهن. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ سرڪار کي ضرور غور ويچارڻ ڪرڻ گهرجي. نه رُڳو غور ويچار ڪرڻ گهرجي، پر تازو جيڪا سنڌ بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، اُن ۾ اهڙي امڪاني صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ چڱو خاصو ناڻو به مختص ڪرڻ گهرجي. اِهو ضروري ناهي ته بارشن بابت جيڪي اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن، اُهي سؤ سيڪڙو صحيح به ثابت ٿين. ماضيءَ ۾ ڏٺو ويو آهي ته اڪثر مينهن، اڳڪٿين جي اُبتڙ ئي پوندا آهن، جهڙوڪ 2010 ۾ آيل مها ٻوڏ کان اڳ به اهڙيون ئي اڳڪٿيون ڪيون ويون هيون ته هيل سانوڻ سُٺو ڪونه پوندو، انهيءَ اڳڪٿيءَ کي نظر ۾ رکندي انتظاميا ڊيمن کي ڀرڻ جو حرص ڪيو ۽ بعد ۾ جڏهن مينهن راڱا ڪري وُٺو ته اُها ساڳي ئي انتظاميا وهڪرن کي گُذارڻ لاءِ پريشان هُئي ۽ آخر ٽوڙيءَ وٽان ٽُٽندڙ بند تي هُنن اکيون پوري ڇڏيون جو وڏي وهڪري گُذرڻ سان سکر بئراج کي خطرو هو. بعد ۾ ماڻهن جيڪو ڀوڳيو، تنهن جو اسان هنن ئي ڪالمن ۾ ڪيترائي ڀيرا ذڪر ڪري آيا آهيون، تنهن ڪري اهڙي ورجاءَ کان بچندي پنهنجي ساڳي ڳالهه يعني اڳڪٿين تي اچون ٿا، اُنهن لاءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته پوريءَ دنيا ۾ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ موسمن سبب ڪيتريون ئي اڳڪٿيون غلط به ثابت ٿيون آهن، اُن لاءِ فقط ست کان ڏهن ڏينهن جي اڳڪٿيءَ تي ئي اعتبار ڪري سگهجي ٿو. خدا ڪري ائين ئي هُجي ۽ هيلوڪي ڏُڪار واريون اڳڪٿيون غلط ثابت ٿين جو اڳ ئي هتي جا ماڻهو قدرتي آفتن توڙي انتظامي ڏُڪار کي ڀوڳيندا اچن پيا، اُنهن ۾ وڌيڪ سهپ جو مادو ڏسڻ ۾ نه پيو اچي. تنهنڪري حڪمرانن جو اِهو فرض ٿو بڻجي ته اُهي عالمي ماهرن جي ان اڀياس کي نظر ۾ رکندي ڪي تدبيرون جوڙين ته جيئن امڪاني صورتحال کي سهڻي نموني مُنهن ڏئي سگهجي. جيڪڏهن سرڪار انهن امڪاني خطرن کي اکيون پوري نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اُن سان عام ماڻهو ته ڀوڳيندو ئي ڀوڳيندو، پر حڪمرانن جي پت به وائکي ٿي پوندي. تنهن ڪري انهيءَ امڪاني خطري کي ضرور نظر ۾ رکيو وڃي ۽ پنهنجي ماڻهن جي ڏکيءَ مهل ۾، عالمي ادارن ڏانهن واجهائڻ بدران پاڻ ئي واهر ڪرڻ گهرجي، اُن لاءِ اڳواٽ رٿابندي ضروري آهي، جنهن لاءِ سرڪار ۾ اُميد رکجي ٿي ته اُها انهيءَ سلسلي ۾ ضرور ڪوششون وٺندي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *