تازيون خبرون

ڇا صرف هاف فراءِ ۽ فل فراءِ ئي بچي ويو آهي…؟

آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا چيو آهي ته ”فل فراءِ ۽ هاف فراءِ“ غلط آهي پر سماج ۾ خرابي ايتري وڌي وئي آهي جو ان کانسواءِ ٻي ڪا به واهه ناهي. هن اها ڳالهه حيدرآباد ۾ هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. اي ڊي خواجا جنهن کي سنڌ ۾ نهايت ئي عزت ۽ احترام سان ڏٺو وڃي ٿو. پر هن جي واتان جڏهن اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ اچي ته هاف فراءِ ۽ فل فراءِ کانسواءِ ٻي ڪا به واهه ناهي ته پوءِ ماتم کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي. اسان جڏهن قانون جي عملداري جي ڳالهه ڪريون ٿا تڏهن اسان سميت هر ڪنهن جي اها راءِ آهي ته انتظاميا ۽ عدليا جا ڌار ڌار فرض ۽ ذميواريون آهن پر جيڪڏهن انتظاميا عدليا وارا اختيار يا عدليا انتظاميا وارا اختيار استعمال ڪري ته ان سان وقتي طور تي ته کڻي ڪجهه فائدا ٿي سگهن  ٿا پر اختيارن جي غلط استعمال سان جيڪڏهن ڊگهي مدي وارا نقصان ٿيڻ جو انديشو هجي يا ادارن وچ ۾ ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جا امڪان هجن يا ملڪ ۾ انارڪي پکڙجڻ يا مايوسي کي هٿي ملڻ وارا خدشا پيدا ٿين ته يقينن هر ساڃاهه وند اها ڳالهه سوچڻ تي ضرور مجبور ٿئي ٿو ته ڇا هاف فراءِ ۽ فل فراءِ کان سواءِ واقعي ڪا ”ٻي واهه“ هاڻ نه بچي آهي؟. اسان سمجهون ٿا ته هاف فراءِ فل فراءِ کان ڳچ عرصي تائين ته پوليس جا اعليٰ عملدار لاعلمي جو اظهار ڪندا رهيا هئا پر هاڻ ته آءِ جي سنڌ پڻ اها ڳالهه تسليم ڪئي آهي ته هاف فراءِ يا فل فراءِ ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا به واهه نه بچي آهي. اسان سمجهون ٿا ته آءِ جي پوليس اها ڳالهه ڪري پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل انساني حقن جي پوليس پاران ڀڃڪڙي ڪرڻ جو سنئون سڌو اظهار ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پوليس جي نظر ۾ ان کانسواءِ ٻي ڪا به واهه نه بچي آهي ته پوءِ آءِ جي پوليس کي پاڻ اعليٰ عدالت ۾ پيش ٿي سنڌ ۾ ٿيندڙ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ ٿيل جوابدارن سان ٿيل ڪارروائي نه رڳو قبولڻ گهرجي پر اعليٰ عدالت کي ٻڌائڻ گهرجي ته هاڻ عدالتن کي ڪجهه به ڪرڻ جي ضرورت ناهي هاڻ اعليٰ عدالتن ڏانهن  ڪنهن به ڏوهاري کي مليل سزا جي اپيل نه ايندي ۽ نه ئي ڪنهن عدالت ۾ ڪنهن ڏوهاري کي پيش ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته پوليس هاڻ پاڻ ئي فيصلا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته  ڏهاڪو سال اڳ تائين جيستائين روينيو عملدارن کي مئجسٽريٽ وارا اختيار حاصل هئا تيستائين اهي روينيو عملدار پنهنجن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي پوليس جي ملي ڀڳت سان ويهي فيصلا ڪندا هئا. يعني مختيارڪار جڏهن عدالت لڳائيندو هو ته پوليس ڪنهن جوابدار کي سندس عدالت ۾ پيش ڪندي هئي ته مختيارڪار سان گڏ ايس ايڇ او به عدالت ۾ ساڻس گڏ کيس ويهي بريف ڪندو هو ته پيش ڪيل جوابدار ڪيڏو وڏو ڏوهاري آهي ۽ هن کي ڪيتري سزا ملڻ گهرجي يا هن کي آزاد ڪرڻ گهرجي. عدليا ۽ انتظاميا کي ڌار ڪرڻ کانپوءِ هاڻ روينيو عملدارن کان اهي اختيار کسجي چڪا آهن ۽ پوليس هاڻ ڏوهارين کي مئجسٽريٽن آڏو پيش ڪرڻ لاءِ پابند آهي. اسان جي خيال ۾ جڏهن پوليس کي عدالتن ۾ جوابدارن کي پيش ڪرڻ جو حڪم مليو آهي تڏهن کانپوءِ پوليس به ڄڻ ته بي وس بڻجي وئي آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *