تازيون خبرون

ڀلارو مهينو ۽ مهانگائي

جيڪڏهن اسين پنهنجي سماج تي نظر ڪنداسين ته اُن ۾ اِهي ٻئي گُڻ سهپ ۽ رواداري اسان کي دم ٽوڙيندي نظر ايندا ۽ هر هنڌ اڻ سهپ ۽ فريب جو ڄارُ ئي نظر ايندو. اِهوئي سبب آهي جو اسين پوريءَ دنيا ۾ بي اعتبار سمجهيا وڃون ٿا. سياست هجي يا زندگيءَ جو ٻيو وهنوار، هر پاسي نفرتون ۽ ڪدورتون ئي نظر اچن ٿيون، پر پوءِ به پاڻ کي اُتم سمجهڻ واري تڪبر مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ناهيون. هڪ طرف انتهاپسنديءَ اسان مان ماڻهپي کي ڪوري ڪڍيو آهي ته ٻئي طرف اسين پنهنجن مقدس مهينن جو احترام پڻ وڃائي ويٺا آهيون ۽ جيڪا مهانگائي رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ ڪئي وڃي ٿي، اُها ٻين عام مهينن جي ڀيٽ ۾ چئوڻ تي هُجي ٿي. بلڪه رمضان شريف جي اچڻ شرط ئي منافعي خورن جا جاوا ٿيو وڃن ۽ هُو کاڌي پيتي جي شين کان وٺي لٽي ڪپڙي جي قيمتن ۾ ايترو ته اضافو ڪري ڇڏيندا آهن جو غريب ۽ بي پهچ ماڻهو ڪيترين ئي نعمتن کان محروم رهجي ويندا آهن. اُن جي ابتڙ اسين جڏهن ٻين مذهبن جي عقيدت وارن ڏينهن جو جائزو وٺون ٿا ته اُهي پنهنجن مقدس مهينن توڙي خاص ڏڻن تي هر شيءِ جي قيمت کي نه رُڳو مناسب رکن ٿا، پر ڪيترن ئي هنڌن تي اُهي شيون گهڻيون سهانگيون پڻ ٿي وڃن ٿيون. اها ڳالهه حيران ڪندڙ آهي ته هڪ اهڙو مُلڪ جيڪو جُڙيو ئي اسلام جي نالي تي هُجي، اُتي جو سمورو وهنوار اُن آفاقي پيغام جي بلڪل اُبتڙ نظر اچي ٿو ۽ اسين بجاءِ جو احساس ۽ سهپ جي مادي کي وڌايون ويتر ڪٺور ۽ تنگ دل ٿيندا پيا وڃون ۽ اُن عمل ۾ اسان جو واپاري طبقو سڀ کان اڳيان نظر اچي ٿو. کين سرڪار پاران جيڪا ڇوٽ مليل آهي سا پڻ حيران ڪندڙ آهي. نه ته ڪو چيڪ اينڊ بيلنس آهي ۽ نه ئي اهڙي ڪم لاءِ جوڙيل ادارا پنهنجو وجود برقرار رکي سگهيا آهن. چون ٿا ڪو دؤر هو جو قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ سرڪاري مشنري تحرڪ ۾ هوندي هئي، دڪاندار توڙي ريڙهي وارا پرائس لسٽ موجب هر شيءِ جو وڪرو ڪندا هئا، پر هاڻ اُهو سڀ خواب بڻجي ويو آهي. بلڪه هن مقدس مهيني ۾ دهشتگرد ۽ منافعي خور ڇوٽ ڇڏيل هُجن ٿا- ظاهر آهي اهڙي عالم ۾ نه ته آزاديءَ سان عبادتون ڪري سگهبيون آهن ۽ نه ئي ماڻهو اُنهن عبادتن جي شڪراني طور ڪي خوشيون ملهائي سگهندا آهن. جيتوڻيڪ هر سال رمضان جي حوالي سان ڪجهه پيڪيجن جو اعلان ضرور ڪيو ويندو آهي، پر اُهي به فقط يوٽيلٽي اسٽورن تائين ئي محدود هوندا آهن ۽ انهن پيڪيجن جي اعلانن مان هڪڙو تاثر اِهو به ملي ٿو ته واپاري طبقو حڪومت جي وس کان ٻاهر آهي. جيڪڏهن ائين نه هُجي ها ته هوند سڄي مُلڪ ۾ هڪڙيون ئي قيمتون مقرر ٿيل هُجن ها ۽ سرڪار واپاري طبقي کي انهن تي قائم رهڻ لاءِ پابند بڻائي ها. جيتوڻيڪ اسلامي مُلڪ جي رهواسيءَ جي حيثيت ۾ سرڪار کان وڌ هر اُن ماڻهوءَ جو فرض ٿو بڻجي، جيڪو واپار سان لاڳاپيل آهي ته اُهو منافعي خوري ۽ ٺڳيءَ کان پاسو ڪري ۽ اُن آفاقي پيغام موجب شين جو وڪرو ڪري جيڪو الله ۽ اُن جي نبيءَ صه اسان کي ڏسيو آهي، ته جيئن اُمت مسلمه پنهنجن عقيدت ڀرين ڏينهن کي احسن طريقي سان ملهائي سگهي. پر هتي وري به اُها ساڳي ڳالهه اچي ٿي ته اسان اجتماعي سوچ بدران انفرادي سوچ کي وڌيڪ اهميت ڏيون ٿا ۽ ٻئي کي نقصان ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪريون ٿا، جيڪا ڳالهه اُن آفاقي پيغام جي سراسر اُبتڙ آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *