تازيون خبرون

پ پ قيادت جو اسيمبلي ۾ وڃڻ جو اعلان…!

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي لکين ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي ڪوچيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ مان ۽ بلاول وينداسين، مان نوابشاهه جي تڪ تان پنهنجي ڀيڻ عذره پيچوهو ۽ بلاول ڀٽو لاڙڪاڻي شهر جي تڪ جنهن تان اياز سومرو چونڊيل آهي، ان تان اليڪشن ۾ حصو وٺنداسين. اسان جي سياست جمهوريت ۽ پاڪستان کي بچائڻ لاءِ آهي جنهن لاءِ اسان قربانيون ڏنيون آهن ۽ هاڻ اسين مغل بادشاهه کي نه ڇڏينداسين. ميان صاحب اسان اوهان کي سياست امانت ۾ ڏني ۽ اوهان چونڊون نه کٽيون اوهان چيو هو ته ملي ڪري گڏيل طور فيصلا ڪيا ويندا پر 18 هين ترميم ۽ ٻين معاملن تي ملي ڪري پاڻ فيصلا ڪيا ويا ۽ اوهان سڀني واعدن کي وساري آئين کي تبديل ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کي پارليامينٽ ۾ اچڻو پوندو جيڪو پراڻو چيف جسٽس هو اسان کي مختلف ڪيسن ۾ عدالت گهليندو هو، اسان کي عدالتن مان ڪو به خوف ناهي. اسان سپريم ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنهن جو ريفرنس به مون موڪليو ان ۾ بابر اعواڻ جو لائسنس رد ڪيو ويو، جنهن کي اڃان تائين ناهي کنيو ويو، جنهن کي کنيو وڃي. آئون چاهيان ٿو ته تاريخ ۾ اوهان پنهنجي ۽ ملڪي عدالتن جي وقار کي بلند ڪيو، ڇاڪاڻ جو هينئر عوام هوشيار ٿي چڪو آهي، پنجاب پڙهيل لکيل پنجاب بڻجي ويو آهي، اوهان نوجوانن سان ڀلي سيلفي ڪڍرايو يا کين ليپ ٽاپ ڏيو پر اهي به سوال ڪندا ته جهاز، پلون ۽ ٻيا منصوبا ڪيئن ٺهيا؟ اسان جي دور ۾ تيل 150 ڊالر في بيرل هو اوهان جي ته دور ۾ تيل سستو آهي عوام کي اوهان جي دور ۾ ٽرين نه پر جهاز جي ضرورت آهي، عوام پي آءِ اي ۾ سفر ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هو نه ٿا چاهين ته هو پرڏيهي جهازن ۾ ويهن ۽ سفر ڪن. بلاول جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن ته اهي جمهوري ڳالهيون آهن، هن دفعي ٻيون ڳالهيون نه ڪيون وينديون، اسان جو حق آهي، اسان احتجاج ڪنداسين ۽ پنهنجو جمهوري حق ادا ڪنداسين، عدالتن ۾ وينداسين ۽ بار کي خطاب ڪنداسين جتي آگاهي ڏينداسين ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ۽ ڇا ٿيڻ گهرجي؟.

اڄڪلهه گهڻا سياسي پنڊت ٽي وي تي ويهي پنهنجي عقل جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. قطر ۾ ٻه نمبر ماڻهو ويٺو آهي ته پاڪستان جي معيشت جو ڇا ٿيندو، اوهان اجازت ڏيو ته گهٽ قيمت ۾ اوهان کي تيل ۽ گيس کڻي آڻي ڏينداسين ۽ چين سان معاهدو سموري خطي جو معاهدو آهي. بلوچستان ۾ غير آباد زمينون پيل آهن، اُهي هن معاهدي ذريعي آباد ٿي سگهن ٿيون. اسان چين، ايران، ترڪي ۽ ٻين ملڪن سان گڏجي ڪرنسي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون هيون اوهان کي ڊالرن ۾ ادائيگيون ناهن ڪرڻيون پر رپئي ۾ ادائگيون ڪرڻيون آهن پر اوهان ائين نه ڪيو، اوهان کي اقتدار ائين ناهي مليو ته اوهان مغل بادشاهه بڻجو ڇاڪاڻ جو شهزادن ۾ به جنگ ٿيندي آهي، اوهان اهڙي قسم جي جمهوريت ۽ پاڪستان ٺاهڻ چاهيو ٿا ته جنگ ٿئي، منهنجي ڳالهه کي سمجهو ۽ مان ڳالهه کي هرگز نه ٿو مڃان ته پنجاب ۾ ميان صاحب مضبوط آهي. ميان صاحب اوهان قطر مان گيس گهرايو اسان گيس ۽ تيل جي پائيپ لائين جو معاهدو ايران سان ڪيو هو، اسان وقت جي آمرن سان مهاڏو اٽڪايو پر فوج جي خلاف ڪڏهن به ناهي ڳالهايو ۽ اسان کي خبر آهي ته فوج ڪهڙيون قربانيون ڏنيون آهن؟ اسان سڀني شين کي ڏسي اڳتي وڌي ڪري سياست ڪندا آهيون ۽ ميان صاحب اوهان اسان جي جمهوريت جو خانو خراب ڪري ڇڏيو. فيصل آباد سميت پوري ملڪ ۾ ڪيتريون ئي صنعتون بند پيل آهن اوهان کي احساس ئي ناهي ته هاري، مزدور ۽ غريب ڇا چئي رهيو آهي. مان پارليامينٽ ۾ ويهي اوهان کي به سبق ڏئي سمجهائيندس ۽ ٻيا دوست جيڪي اپوزيشن ۾ آهن انهن کي به گڏ کڻي هلندس.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *