تازيون خبرون

پرڏيهين جي نيڪالي وقت جي ضرورت!!

گذريل ڏينهن  وزيراعليٰ هائوس ۾ امن امان بابت اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير سڪندر منڌرو،منظور وساڻ، ناصر شاهه، آءِ جي سنڌ، گهرو سيڪريٽري، ڪراچي پوليس چيف ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ وڏي وزير ڪو چيئرمين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پوليس جون صلاحيتون وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون، پوليس بهتر ڪم ڪري رهي آهي پر اڃا گھڻو ڪجھه ڪرڻو آهي، سنڌ حڪومت 94 مدرسن جي فهرست وفاق کي موڪلي هئي، هيءَ فهرست انٽيلي جنس ايجنسين جي اطلاعن جي بنياد تي ٺاهي وئي هئي، پر اسان کي ڪا خاص مدد نه ملي، اسان چاهيون ٿا ته انهن تي نظر رکي وڃي، ان موقعي تي اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته اسان کي خبر آهي ته سرحد کان هي دهشتگرد داخل ٿي رهيا آهن، اسان کي خبر آهي ته اسان جي ڪهڙن شهرن ۾ ڪير سهولتڪار آهي، جيڪڏهن اسان قدم کنيا ته دهشتگردن جو ڪم ڏکيو ڪري سگھون ٿا، اسان کي پنهنجي حڪمت عملي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جي وڏن به هڪ مدرسو ٺاهيو هو جنهن قائد اعظم تعليم حاصل ڪئي، ڪجھه مدرسا اسان جي ٻارن کي ڀٽڪائڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن، ڪجھه طاقتون پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿيون، هي اسان جو ملڪ آهي، اسان پنهنجي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪنهن اجازت نه ڏني ويندي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته افغانين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. ۽ غير ملڪين جي نيڪالي لاءِ وفاق سان به ڳالهايو وڃي.

اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا سيوهڻ ڌماڪي جي جاچ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.  چيو ته سيوهڻ سانحي ۾ 90 ماڻهو شهيد ۽ 153 زخمي ٿيا، پوليس بهتر انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي سنڌ ۾ 700 صوفين جو درگاهون آهن، اتي ڪجھه مسئلا آهن، ڪجھه درگاهن کي چؤديواري به ناهي جيڪڏهن آهي ته ننڍيون آهن، ڪجھه درگاهن جي چوڌاري حد دخليون به آهن، جڏهن ته ڪجھه مدرسن کي اندريون ۽ ٻاهريون ڀتيون به نه آهن، اتي ڪي نظر رکندڙ ٽاور به نه آهن، عورتن جي جھڙتي وٺندڙ به نه آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ جا ماڻهو پرامن آهن، دهشتگردن کي هتي ڪو آپگھاتي حملو ڪندڙ نه مليو، اهو ئي سبب آهي جو دهشتگرد آپگھاتي بمبار ٻين علائقن مان ٿا آڻين، باقي اها ڳالهه آهي ته هتي سهولتڪار موجود آهن، اسان سهولتڪارن کي انجام تائين پهچنداسين،

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *