تازيون خبرون

پاڪستان جو هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت جو فيصلو،،،،

پرڏيهي کاتي تصديق ڪئي آهي ته هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز جي سربراهي ۾ شرڪت ڪندو، ڀارت سارڪ اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو هو پر ان جي باوجود پاڪستان هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، ڇو ته اها ڪانفرنس افغانستان ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ منعقد ٿي رهي آهي، ان کان پهرين نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط پڻ چيو هو ته پاڪستان ڀارت سان غير مشروط ڳالهين لاءِ تيار آهي، افغانستان ۾ امن جي لاءِ چار ملڪي مصالحتي گروپ جي ميمبر جي حيثيت سان جڏهن به پاڪستان کي چيو ويو ته هو پنهنجو ڪردار ضرور ادا ڪندو، افغانستان جي چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله جي پاڪستان جي دوري جي به تصديق ڪئي وئي آهي، سندس آمد جي حتمي تاريخ جو اعلان اڃان بعد ۾ ڪيو ويندو، پاڪستان پهرين ئي موقف اختيار ڪيو آهي ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ هو هر فورم تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ ڀارت سميت ڪنهن به ملڪ جي وفد سان سائيڊ لائين ملاقاتون طئي ناهن ٿيون، اسان سدائين ڀارت سان مسئلا ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري آهي، پاڪستان طرفان آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ جي به آجيان ڪئي آهي، پاڪستان جو اهو ئي موقف رهيو آهي ته ڪشمير جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي، اسان ڊونلڊ ٽرمپ جي آڇ جي آجيان ڪريون ٿا، وزيراعظم نواز شريف خيرسگالي جي جذبي تحت نئين چونڊيل آمريڪي صدر کي فون ڪئي ۽ هن ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان جي دوري جي ڀرپور آجيان ڪئي ويندي، پاڪستان آمريڪا سان لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو ۽ آمريڪا سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي تاريخي پس منظر ۾ ڏسڻ گهرجي. پاڪستان ۽ روس پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ۽ پرامن بڻائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ ڪيترن ئي ملڪ پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي ۾ شرڪت جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، پاڪستان فلسطين مسئلي جي حل جي به سدائين حمايت ڪئي آهي، فلسطينن جي بحالي جي معاملي تي عربن سان گڏ آهيون، اسان اڃان تائين اسرائيل سان لاڳاپا قائم ناهن ڪيا. ميڊيا رپورٽون آهن ته وزيراعظم نواز شريف سان پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز ”هارٽ آف ايشيا“ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت جي دوري کان اڳ ملاقات ڪئي. سرتاج عزيز افغانستان ۾ امن جي بهتري ۽ مفاهمتي عمل جي ڏس ۾ هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس جي باري ۾ وزيراعظم کان رهنمائي حاصل ڪئي. هي ڪانفرنس 3 ۽ 4 ڊسمبر تي ڀارت جي شهر امرتسر ۾ منعقد ٿي رهي آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *