تازيون خبرون

پاناما ڪيس جو اهم حصو قطري سيڙپڪاري….

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته قطري سيڙپڪاري پاناما ڪيس جو اهم حصو آهي، وزيراعظم ته ڪڏهن به ان ڳالهه جو ذڪر نه ڪيو، الثاني خاندان سان ايڏا لاڳاپا هئا جو 13 سالن تائين شريف خاندان لنڊن فليٽن ۾ رهي رهيو هو، 13 سال ڪير رهندو ته آڱريون ته ضرور کڄنديون. ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل وقاص قدير ڊار حديبيه پيپرز مل ريفرنس تي اپيل داخل نه ڪرڻ بابت اجلاس جي ڪارروائي جا منٽس عدالت کي ڏنا. وقاص ڊار عدالت کي ٻڌايو ته اجلاس ۾ نيب جي پراسيڪيوٽر اپيل داخل نه ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ نيب چيئرمين ان تجويز سان اتفاق ڪيو ۽ ججن جي فيصلي ۾ اختلاف جي ڪري اپيل داخل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن تي جسٽس گلزار احمد پڇيو ته اهڙا ڪيترا ڪيس آهن جن ۾ اپيل داخل نه ڪئي وئي، جنهن تي وقاص قدير چيو ته اهڙا ته گهڻا ڪيس آهن،  جسٽس اعجاز چيو ته اهڙا به ڪيترائي ڪيس آهن جن ۾ ججن متفقه فيصلو ڏنو پر نيب اپيل داخل ڪئي جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته جڏهن نيب جو وارو ايندو ته ان رخ تي به غور ڪنداسين جڏهن ته حسن ۽ حسين نواز جي وڪيل سلمان اڪرم راجا پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته رڪارڊ مان ثابت ٿي ويو آهي ته فيڪٽري جي وڪري سان 12 ملين درهم مليا جنهن تي جسٽس اعجاز افضل پڇيو ته بئنڪ جون رهتون ڪنهن ادا ڪيون ڇا 75 سيڪڙو شيئر وڪرو ڪرڻ تي بئنڪ کي قرض ادا ڪيو ويو، سلمان اڪرم ٻڌايو ته 75 سيڪڙو  شيئرز وڪرو ڪرڻ سان ملندڙ رقم مان قرض ادا ڪيو ويو جنهن تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته باقي رهتن جو ڇا ٿيو، جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته ٿي سگهي ٿو ته فيڪٽري جي منافعي مان رهتون ادا ڪيون ويون هجن جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته ڀٽو جي دور ۾ 6 نيون فيڪٽريون هنيون ويون، جنهن تي جسٽس گلزار چيو ته ڇا پاڪستان ۾ 6 نيون فيڪٽريون هنيون ويون ته ان کانپوءِ به گلف فيڪٽري هڻڻ جي ضرورت هئي، وزيراعظم جي تقرير ۾ قطري سيڙپڪاري جو ذڪر ئي نه آهي. جسٽس آصف کوسا چيو ته وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ مشينري خريد ڪرڻ جو ڪو ذڪر ئي ناهي ڪيو، مون ڪتاب مان صفحو گم هجڻ جي ڳالهه ڪئي آهي جنهن تي اسان کي ڇڙٻون به مليون آهن ته سڀ ثبوت موجود آهن ۽ اسان کي نظر نه ٿا اچن، ٿي سگهي ٿو ته اسان کان غلطي ٿي هجي ۽ نظر نه آيو هجي، ڇا دبئي فيڪٽري جي مشينري حسين نواز خريد ڪئي هئي، جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته دبئي فيڪٽري جي مشين سان جده مل تيار ڪئي وئي ۽ ان کانسواءِ نئين مشينري به خريد ڪئي وئي. جسٽس اعجازالحسن چيو ته حسين نواز موجب لنڊن فليٽس قطري سيڙپڪاري سان ورتا ويا، سوال اهو آهي  ته لنڊن فليٽن جو سرمايو ڪٿان کان آيو، هن ڪهاڻي جو اصل حصو قطري سيڙپڪاري آهي، وزيراعظم جي تقرير ۽ طارق شفيع جي حلفي بيان ۾ قطر ۾ سيڙپڪاري جو ذڪر نه آهي، 5 نومبر تي قطري جو خط ۽ 12 نومبر تي طارق شفيع جو بيان حلفي آيو، ٻئي بيان ۾ بهتري آندي وئي، فيڪٽري جي رقم جا 12 ملين درهم ڪيئن مليا اهو طارق شفيع ڄاڻي ٿو، کيس قطري سيڙپڪاري جو علم هو ته هو حلفي بيان ۾ ان جو ذڪر ڪري ڇڏي ها جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته دبئي مل هڪ حقيقت آهي، ڪاروبار تي ڪنٽرول ميان شريف جو هو، طارق شفيع گلف فيڪٽري جا روزاني جا معاملا نه ڏسندو هو، طارق شفيع کي بيان حلفي کان اڳ ۾ سڀني شين جي خبر هئي، ائين نه آهي ته سوالن جا جواب نه آهن، جيڪي سوال مون کان پڇيا پيا وڃن اهي طارق شفيع کي شاهد طور گهرائي پڇيا وڃن، 12 ملين درهم جي رقم الثاني خاندان کي 6 قسطن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڏني وئي، ڪرنسي اٺن تي وجهي موڪلڻ واري ڳالهه اجائي آهي، وڏن نوٽن ۾ ادائيگي ڪئي وڃي ته ڪرنسي جو وزن ٻن ڪتابن کان وڌيڪ نه ٿيندو. سلمان اڪرم چيو ته لنڊن فليٽن جي 1993ع کان 1996ع ۾ مجموعي پاڪستاني ماليت 7 ڪروڙ ٿئي ٿي، اها ڪا لڪل ڳالهه نه آهي ته شريف خاندان جا ٻار شروع کان ئي اتي رهي رهيا آهن، شريف خاندان اهي فليٽس 2006ع ۾ خريد ڪيا، شريف فيملي ان وقت آف شور ڪمپنين جي مالڪ نه هئي، جنهن تي جسٽس اعجازالحسن چيو ته 1993ع کان 1996ع جي وچ ۾ اهي فليٽس ڪنهن جي ملڪيت هئا جنهن تي سلمان اڪرم ٻڌايو ته شريف خاندان 1993ع کان 1996ع جي وچ ۾ لنڊن فليٽس خريد ناهن ڪيا، 2006ع کان پهرين ڪمپنين جا سرٽيفڪيٽ الثاني خاندان وٽ هئا ۽ الثاني خاندان 1993ع کان 1996ع ۾ آف شور ڪمپنين وسيلي فليٽس خريد ڪيا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *