تازيون خبرون

وزير اعظم جي نيب کي وارننگ

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته نيب پنهنجو ڪم ذميواري سان ڪري نه ته حڪومت ضروري قانوني ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. چيئرمين نيب جي نوٽيس ۾ ڪيترائي ڀيرا آڻي چڪو آهيان ته نيب وارا سرڪاري آفيسرن کي ڊيڄارين ٿا پر ڪا به شنوائي نه پئي ٿئي. نيب جا اهلڪار بغير تصديق جي سرڪاري آفيسن ۽ گهرن ۾ گهڙي معصوم ۽ ايماندار ماڻهن کي تنگ ڪن ٿا. بهاولپور ۾ مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪنن ۽ مڪاني نمائندن کي خطاب ڪندي هن چيو ته نيب کي ماڻهن جي عزت سان نه کيڏڻ گهرجي، بنا ڪيسن جي ڪنهن کي ڌمڪائڻ صحيح عمل ناهي، نيب پاران غلط ڪيسن ۾ ماڻهن تي هٿ وڌا ويا آهن، اهي غلط ۽ صحيح جو فرق ئي نٿا ڪن.

وزير اعظم ماضي جي حڪومتن تي به تنقيد ڪئي، سندس چوڻ هو ته ماضي جي حڪومتن بجلي بحران ختم ڪرڻ سميت عوامي مسئلن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو، لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ قدم ڇو نه کنيا ويا، ان سوال جو جواب عوام کي ملڻ گهرجي. ن ليگ جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد پرويز مشرف پنهنجي 7 نقاطي ايجنڊا ڏني پر ان جي 8 سالن واري دور ۾ اها ايجنڊا ڪٿي به نظر نه آئي، پيپلزپارٽي جي حڪومت به بجلي بحران ختم ڪري سگهي ٿي پر ان جيڪو ڪجهه ڪيو اهو سڀني ڏٺو ۽ ڀوڳيو. هـُو ڪوڙ جي سياست تي يقين نٿو رکي پر اڄڪلهه اهڙا سياستدان پيدا ٿي ويا آهن، جيڪي ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه ڳالهائيندا ئي ناهن، اهڙي سياست جلد بي نقاب ٿي ويندي آهي ۽ عوام به اهڙن سياستدانن کي سمجهي ويو آهي.

ن ليگ جي منشور ۾ بجلي بحران 6 مهينا يا هڪ سال ۾ ختم ڪرڻ جي دعويٰ نه هئي، هـُن سچ ڳالهايو، تنهن ڪري کيس ووٽ مليا ۽ حڪومت ۾ اچي عوام جي خدمت جو موقعو مليو، پنهنجي حڪومتي دور ۾ بجلي بحران جو خاتمو آندو ويندو. هڪڙو نيپرا، پيپرا ۽ نه ڄاڻ ڪيترا ادارا آهن ۽ ترقياتي منصوبن ۾ رنڊڪ وڌي پئي وڃي، هاڻي پاڪستان سان راند ڪرڻ وارو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪا حڪومت ڪم ڪري پئي، ان کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. منهنجي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي پر قوم اهو ڄاڻڻ چاهي ٿي ۽ قوم کي اها خبر هئڻ گهرجي ته ماضي ۾ مسئلن جي حل تي ڌيان ڇو نه ڏنو ويو. ماضي جي حڪمرانن مجرماڻي غفلت سبب بجلي جا ڪارخانا نه لڳايا، جنهن جو کين جواب ڏيڻو پوندو. مشرف ملڪ کي دهشت گردي، لاقانونيت ۽ لوڊشيڊنگ جا تحفا ڏنا. پ پ به جيڪو ڪجهه ڪيو اهي سڀني جي سامهون آهي. 1999ع ۾ اسان جي حڪومت ڇو ختم ڪئي وئي. حڪومتون عوام جي ووٽن سان ٺهنديون آهن ۽ ڪو ٻيو اچي ختم ڪندو آهي. قوم سان اهو مذاق ٺيڪ ناهي، هاڻي اهو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ايٽمي طاقت هئڻ باوجود اسان دنيا ۾ گهڻا پوئتي آهيون، ملڪ ۾ گئس ۽ بجلي جا 3 وڏا منصوبا مڪمل ٿيڻ وارا آهن. قطر مان ايل اين جي معاهدو ٿي ويو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *