تازيون خبرون

هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ مودي ۽ غني جا الزام…!!

ڀارتي شهر امرتسر ۾ هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سرتاج عزيز افغان صدر اشرف غني کي پاڪستان تي الزام هڻڻ کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته امن لاءِ گڏيل ڪوششون ئي ڪنهن مثبت نتيجي تائين پهچائي سگهن ٿيون، سرتاج عزيز ڀارتي دوري دوران افغان صدر اشرف غني سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ استحڪام جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي پرڏيهي معاملن جي صلاحڪار چيو ته پاڪستان افغان مسئلي جي سياسي حل لاءِ خلوصِ دل سان ڪوششون ڪري رهيو آهي، پاڪستان افغان ڌڙن ۾ سياسي مفاهمت جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو، هن اها به يقين دهائي ڪرائي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار اد اڪندو رهندو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان دهشتگردي جي معاملي تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اسلام آباد امن چاهي ٿو، جنهن لاءِ ڳالهين جي ضرورت هوندي آهي، ڪانفرنس جي موقعي تي سرتاج عزيز ۽ ڀارتي قومي سلامتي جي مشير اجيت دوول وچ ۾ پڻ ملاقات ٿي. ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندو رهيو آهي، نه رڳو دهشتگردن خلاف جنگ وڙهي افغانستان کي محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، بلڪه پاڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان افغانستان ۾ سياسي سطح تي به امن ڳالهين کي ترجيح ڏني آهي، ايشيائي ملڪن ۾ بدامني ۽ دهشتگردي سميت تمام وڏا چئلينجز آهن، جيڪي نه رڳو پاڪستان، افغانستان پر خود ڀارت لاءِ به خطرو بڻيل آهن، ان ڪري خطي ۾ امن، استحڪام لاءِ ضروري آهي ته سمورن پاڙيسري ملڪن کي دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙڻ ۽ علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ان لاءِ اها ڳالهه لازمي آهي ته خطي جي ملڪن کي هڪٻئي سان رابطا وڌائڻ سميت لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻي پوندي، جيستائين مودي ۽ اشرف غني پاران پاڪستان جي خلاف زهر اوڳاڇڻ جو تعلق آهي ته سندن اهڙو عمل تڪرارن لاءِ ٻارڻ ثابت ٿيندو ۽ خطي جي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽجڻ بجاءِ اڃا وڌندي، گڏوگڏ سندن اهو ورتاءُ ڪنهن به پليٽ فارم تي ٿيندڙ ڳالهين واري عمل کي نقصان پهچائڻ برابر آهي.ڀارت چاهي ٿو ته افغانستان سان واپار جي حوالي سان پاڪستان واگها بارڊر پار ڪرڻ ۽ سندس مال بردار ٽرڪن کي ڪابل طرف وڃڻ جو رستو ڏئي، پر پاڪستان ڀارت کي ان صورتحال ۾ ڪيئن ٿو اجازت ڏئي سگهي، جڏهن ڪنٽرول لائين تي روزانو پاڪستاني حدن جي خلاف ورزي ۽ جنگبندي جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿيندي هجي، ان ڪري جيڪڏهن ڀارت ڪنٽرول لائين تي صورتحال کي پرامن رکي ته ان سان ٻئي ملڪ لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا. هن وقت آمريڪا، برطانيا ۽ چين سميت دنيا جي ڪيئي ملڪن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ملڪ پنهنجا تڪرار ڳالهين وسيلي حل ڪن، ايران ته ڪشمير مسئلي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي، ان تي به سنجيدگي سان سوچڻ جي گهرج آهي، ڇوته ايران نه رڳو مسلم ملڪ ۽ پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي، بلڪه ان جا ڀارت سان به ويجها ناتا آهن، جن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو، بهرحال، هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس جنهن مقصد لاءِ سڏائي وئي آهي، ان جي ايجنڊا افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ آهي ۽ پاڪستان ان جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ۽ دنيا کي به اهو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته پاڪ ڀارت تڪرار هجن يا پاڪ افغان مسئلا، انهن جو حل صرف ۽ صرف ڳالهين ۾ ئي تلاش ڪرڻ گهرجي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *