تازيون خبرون
ساهيول دهشتگردي، 16 نامعلوم سي ٽي ڊي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل، مقتولن جي علائقي ۾ سوڳ برقرار - شهرين جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي، ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي: صدر/وزير اعظم - نئين پاڪستان ۾ شهري ٻارڙن سان گڏ ٻاهر نه نڪرن: بلاول ڀٽو زرداري - پ پ بعد ليگ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪري ڇڏي - ذيشان جو دائش سان تعلق هو، گاڏي مان 2 آپگهاتي جيڪيٽون، 8 هينڊ گرنيڊ، 2 پسٽل ۽ گوليون هٿ آيون: راجا بشارت - ساهيوال مبينا مقابلي جو ڪيس، سي ٽي ڊي ٿاڻي لاهور ۾ به داخل، سي ٽي ڊي جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ ٽن اهلڪارن جو نالو به ڏنو ويو - عمران خان وزيرن کان فوري طور استعيفيٰ وٺي، ساهيوال واقعو سڀني سامهون آهي ڪميٽي ٺاهڻ جو ڪو جواز ناهي: خورشيد شاهه - پاڪستان ڏکيائين باوجود علائقائي سلامتي لاءِ ڪم ڪيو، افغانستان ۾ امن علائقائي امن لاءِ اهم آهي: آرمي چيف - اڄ خبر پئي ته هي ادارا ڪهڙو ڪم ڪندا آهن، چيف جسٽس کي ساهيوال سانحي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي: سراج الحق - ايف سي آر ختم ٿي ويو پر متبادل قانون نه ڏنو ويو. 18هين ترميم سان هٿ چراند ٿي ته روڊ تي هونداسين: اسفند يارولي

نيب جا جنگي قدم

قومي احتساب بيورو (نيب) مبينا طور تي اربين رپين جي ڪرپشن جي الزامن تي مواصلات واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر ارباب عالمگير ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر عاصمه ارباب، سنڌ جي تعليم واري اڳوڻي وزير پير مظهر الحق، بلوچستان جي اڳوڻي ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن واري وزير محمد امين عمراڻي، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ڪوئيٽا ڊولپمنٽ اٿارٽي جي چيئرمين محمد اسماعيل گجر ۽ پي آي آر سي جي چيئرمين ڊاڪٽر افتخار احمد خلاف جاچ جڏهن ته پيپڪو جي اڳوڻي ايم ڊي طاهر بشارت چيمه سميت ٻين خلاف جاچ ۽ سنڌ جي اڳوڻي عشر ۽ زڪوات واري وزير دوست محمد، نوشهرو فريروز سان تعلق رکندڙ ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر، پنجاب يونيورسٽي جي اختيارين، خوراڪ ۽ تحقيق واري وزارت جي آفيسرن ۽ اڳوڻي ڊي جي سول ايويئيشن ايئر ڪموڊور (ر) محمد جنيد امين ۽ ٻين خلاف شڪايت جي جاچ پڙتال جو فيصلو ڪيو آهي.  نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس نيب هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ چيئرمين قمر زمان چوڌري جي صدارت ۾ گذريل ڏنن ٿيو هو، نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ تعليم واري اڳوڻي وزير پير مظهر الحق ۽ ٻين خلاف جاچ جي باضابطا طور منظوري ڏني. جوابدارن تي تعليم کاتي سنڌ ۾ 13 هزار استاسن کي غير قانوني طريقي سان ڀرتي ڪري قومي خزاني کي 4 کان 6 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. نيب  جي بورڊ ناجائز ذريعن مان ملڪيتون ٺاهڻ تي مواصلات واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر ارباب عالمگير خان ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر عاصمه ارباب، سنڌ جي تعليم واري اڳوڻي وزير پير مظهر الحق، بلوچستان جي اڳوڻي ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن واري وزير محمد امين عمراڻي، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ڪوئيٽا ڊولپمنٽ اٿارٽي جي چيئرمين محمد اسماعيل گجر خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته اختيارين جي ناجائز استعمال ۽ فنڊ ڦٻائڻ ذريعي قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ تي  پي آي آر سي جي چيئرمين ڊاڪٽر افتخار احمد خلاف جاچ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ سو ايويئيشن اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي ايئر ڪموڊور (ر) محمد جنيد امين، اڳُني ڊپٽي ڊي جي سي اي اي ايئر وائيس مارشل (ر) ساجد حبيب، اڳوڻي ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل سي اي اي ايئر ڪموڊور (ر) جاويد خان ۽ ايئر ڪموڊور (ر) خالد علاءُ الدين خان ۽ ٻين خلاف ٻيهر جاچ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پيپڪو جي اڳوڻي ايم ڊي طاهر بشارت چيمه ۽ اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر گيپڪو ابراهيم مجوڪه خلاف جاچ  جي به منظوري ڏني وئي. جوابدارن  اختيار اورانگهيندي غير قانوني طريقي سان مجاز آفيسر ڀرتي ڪيا.

نيب جي جنگي بنيادن تي ڪاررواين جو سلسلو صحيح رخ طرف هلي رهيو آهي، ڪرپشن کي ٻنجو آيو ته سمورا معاملا پنهنجو پاڻ حل ٿي ويندا، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نيب نيت سان ڪم ڪري ۽ انتظاميه سندس رپورٽ تي ڪارروائي به ڪن، باقي جي ٺلهون ڳالهيون ٿينديون رهيون ته پوءِ نه ته ڪرپشن ختم ٿيندي نه بيروزگاري، ها باقي بيروزگار ضرور ختم ٿي ويندا، ڇو جو بيرزوگار پنهنجو الهه تلهه وڪڻي ڪامورن کان نوڪري وٺن ٿا جيڪا بعد ۾ جعلي قرار ڏئي کسي وڃي ٿي جنهن سان بيروزگار جو الله تلهه به ويو ته نوڪري به پوءِ ان وٽ انتهائي قدم کڻڻ کانسواءِ ڪو چارو نه ٿو رهي، ان لاءِ سرڪار سڳوري کي عرض ڪبو ته ظلم لاءِ مظلوم جو هجڻ ضروري آهي ان ڪري مظلومن کي ايترو نه ڇيڀاٽيو جو توهان کي سڀاڻي ظلم ڪرڻ لاءِ ڪو غريب ئي نه ملي، ڪرپشن ختم ٿيڻ بعد سمورا معاملا پنهنجي دڳ تي اچي ويندا، هاڻي ڏسجي ته سسٽم ڪهڙي طرف رخ ٿو رکي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *