تازيون خبرون

مرڪز جو پاور صوبن ڏانهن ڪيترو منتقل ٿيو ….!

ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ رٿيل “رول آف يوٿ ان نيشنل انٽيگريشن اينڊ ريجنل ڪنڪٽوٽي” سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي ترقياتي رٿائن کي تيزيءَ سان مڪمل ڪري رهي آهي ۽ چاليهن سالن بعد طارق روڊ جي بحاليءَ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ڪراچيءَ جي ترقيءَ لاءِ 10 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن ۽ ڪراچي کي وڌيڪ 10 ارب رپين جي ضرورت پئي ته اهي فراهم ڪيا ويندا. پوليس آرڊيننس 2002ع تحت ڊپارٽمينٽ ۾ سياسي مداخلت جي ڳالهه ٻول ڪئي وئي، امن امان ۽ پوليس ۾ سياسي اثر تي ڳالهه ٻول ٿي رهي آهي. صوبا گڏجي ملڪ کي مضبوط بڻائيندا آهن، پهرين سڀ ڪجهه اسلام آباد مان ڪيو ويندو هو. ارڙهين ترميم کان پهرين ڪجهه ماڻهو آئين کي ڪاغذ جو ٽڪڙو سمجهندا هئا. پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي اسلام آباد جو پاور گهٽائي صوبن ڏانهن منتقل ڪيو، اسان کي ڪو پاور ڏيڻ نه سيکاري اسان پاور ڏيڻ جا چيئپين آهيون. اسان پنجاهه ڪروڙ مهينو ڪراچيءَ کي ڏيندا آهيون، جنهن جو وڌيڪ بجيٽ پگهارن تي خرچ ٿيندو آهي. تعليم جي بهتري سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ڊيووليشن پلان تحت تعليم کي نقصان پهچايو ويو. اسان تعليم کي بهتري ڪرڻ لاءِ قدم وڌايو آهي. 2011ع تائين 8000 اسڪول بند هئا، انهن مان ڪيترائي اسڪول کوليا ويا آهن. نوجوان ملڪ جو سرمايو آهن، پيپلز پارٽيءَ جي نوجوان قيادت ملڪ جي ترقيءَ ۾ نوجوانن کي موقعا فراهم ڪري رهي آهي. تعليم جي واڌاري ۽ بهتريءَ لاءِ جيڪو به ڪرڻو پيو اهو ڪنداسين. انفرااسٽريڪچر جي بغير ترقي ممڪن نه آهي. صوبائي مالياتي ڪميشن قائم ٿي چڪو آهي ۽ صوبائي مالياتي ڪميشن تحت وسيلن جي منصفاڻي ورهاست ٿيندي. چئني صوبن جي شاگردن کي هتي اچڻ تي ڀليڪار چوان ٿو. اوهان بنا ڪنهن خوف هراس جي شهر گهمي ڦري سگهو ٿا، مان پاڻ بنا ڪنهن پروٽوڪول جي شهر جا دورا ڪندو آهيان. ڪراچيءَ جو امن امان وڏي قربانيءَ بعد بحال ٿيو آهي. سياست کي بدنام ترين شعبو بڻايو ويو آهي، پرڏيهه ۾ اسڪول جي سطح تي سياست پڙهائي ويندي آهي. بلدياتي ادارن کي اختيار اسيمبليءَ ۾ قانونسازي ڪري ڏنا ويا، ڪو ايئن نه ٿو چئي سگهي ته اهي اختيار قانون جي خلاف آهن. شاگرد ۽ شاگردياڻيون سياست ۾ اچن، نوجوانن جي شامل ٿيڻ سان سياست ۾ بهتري ايندي، سياست ۾ نوجوانن جي ضرورت آهي. سياست جي پليٽفارم تان نوجوان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگهن ٿا. اوهان اسان جو مستقبل آهيو، ملڪ جي ترقيءَ لاءِ پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏيو، چين کان وڌيڪ مرڪزي نظام ڪنهن به ملڪ ۾ نه آهي. پڙهي لکي ماڻهو تعليم يافته ته ٿي سگهي ٿو پر قابل نه ٿو ٿي سگهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *