تازيون خبرون

قومي ورثا بچايو…!

دنيا جا ملڪ ۽ قومون پنهنجي نسلن کي پنهنجي تاريخ کان باخبر رکڻ لاءِ پنهنجو قومي ورثو نه رڳو محفوظ بڻائي رکنديون آهن پر ان تي کوجنا جا موقعا به فراهم ڪنديون آهن ته جيئن ان جي رازن، رمزن ۽ حقيقتن کي عوام لاءِ وائکو ڪري سگهجي، پر لوڪ وهي لهنوارو اسان اوڀارا، الائي ڇو اسان تعمير، اڏڻ ۽ ٺاهڻ بدران ڊاهڻ ۽ ميساري ڇڏڻ جي اهڙي ته پاليسي اختيار ڪري ڇڏي آهي، جيڪا اڳتي هلي اسان کان هن ملڪ ۽ سماج کان حقيقي سڃاڻپ کسجڻ جو سبب به بڻجي سگهي ٿي.سنڌ اندر هڪ اندازي موجب 5 هزار اسڪول بند آهن، جن مان اڌ اسڪول هلندڙ سال جون تائين کولڻ لاءِ سنڌ جي وڏي  وزير لاڳاپيل ادارن کي ڊيڊ لائين ڏني آهي. چوڻ جو مطلب ته هڪ طرف بند اسڪول کولي، اتي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سهولت لاءِ گهربل سهولتون مهيا ڪرڻ جون ڪوششون پيون ٿين ته ٻئي پاسي وري ڪنهن ڏورانهين ۽ پٺتي پيل نه پر سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ هڪ هلندڙ اسڪول بلڊر  مافيا طرفان مسمار ٿئي ته ان کي ڇا چئجي؟هيءُ واقعو ميڊيا ۾ اچڻ کانپوءِ جيتوڻيڪ سنڌ سرڪار ۽ تعليم کاتي اک پٽي آهي ۽ معاملي جو نوٽيس ورتو ويو آهي، معاملي جي ايف آءِ آر به ڪٽجي چڪي آهي، ۽ ايف آءِ اي جو جيڪو انسپيڪٽر اسڪول ڊاهڻ جو ذميوار آهي.تنهن جو نالو به ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وڌو ويو آهي ته جيئن ملڪ کان ٻاهر فرار ٿي نه وڃي. تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر ڊاٿل اسڪول جو دورو ڪري ان کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو به چيو آهي.سرڪار طرفان هن معاملي تي اک پٽڻ چڱي ڳالهه آهي پر بلڊر هن قومي ورثي واري عمارت کي ڊاهي سنڌ جي هن قديم تاريخ کي ميسارڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي آهي عمارت جي قديم اڏاوتي شين کي جيڪو ڊاٿو آهي، ان جي اصل حالت جيڪا تباهه ۽ برباد ڪئي آهي تنهن جو ازالو ڪيئن ٿيندو؟ ڪنهن به عمارت ۽ هنڌ کي قومي ورثو قرار ڏيڻ کانپوءِ ان کي اصل حالت ۾ برقرار رکڻ جي صورت ۾ ئي ان جي قومي ورثي واري حيثيت بحال رکي سگهجي ٿي. هيءُ اسڪول جيڪو قومي ورثو قرار ڏنل هو، سو جڏهن ترقيءَ جي نالي ۾ ڊهي ته ان کي تعليم جي تباهي نه سڏجي ته ٻيو ڇا سڏجي! سنڌ ۾ مُهين جو دڙو هجي يا مڪليءَ وارو تاريخي قبرستان، يا وري قديم آثارن جا اهي هڪ سئو اڻٽيهه ماڳ، جيڪي ارڙهين ترميم کانپوءِ وفاق کان سنڌ کي منتقل ٿيا آهن، تن جي تحفظ جو جوڳو بندوبست نه ان وقت هو، جڏهن اهي وفاق جي هٿ هيٺ هئا، نه ئي وري هن وقت آهي، جڏهن اهي پنهنجي هٿ ۾ آيا آهن، اسان وٽ قديم آثارن واري کاتي جي ڪارڪردگي نالي ماتر ئي نظر ايندي، هي کاتو جيڪو سنڌ جي تاريخي ماڳن بابت جيترو حساس ۽ الرٽ هجڻ گهرجي اوترو ئي لاپرواهه ۽ غير ذميوار نظر ايندو نه رڳو آرڪيالاجي پر ارڙهين ترميم کانپوءِ انهن قديم آثارن جي سار سنڀال ۽ تحفظ جي ذميوار سمورن ادارن جو ڪردار بس وقت گذارڻ وارو ئي نظر ايندو. اهو ئي سبب آهي جو مُهين جي دڙي جي زمين تي قبضا ۽ پوکي ٿيندي رهي آهي، چوڪنڊي ۽ مڪليءَ جي قبرستان تي قبضا ٿيندا رهيا آهن.اهي قديم ماڳ ۽ قديم عمارتون سنڌ جي قديم تاريخ جا ساکي آهن، جيئرا جاڳندا ثبوت آهن، جيڪي جنهن حالت ۾ آهن ان ۾ محفوظ رهڻ گهرجن، جي ايئن نه ٿيو ته اها سنڌ جي قومي سڃاڻپ لاءِ هڪ وڏي چيلينج  ٿي سامهون اچي سگهي ٿي، مثال طور قائد اعظم ننڍي کان وٺي پڙهندي پيا اچون ته جهرڪن ۾ ڄائو پر تاريخ سان تاريخ جي ڪتابن سان ۽ نصاب سان هٿ چراند ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي وئي ته قائد اعظم جهرڪ نه پر ڪراچيءَ ۾ ڄائو هو.ايئن لاڙڪاڻي جي قديم گيان باغ جو نالو تبديل ٿيو، مُهين جو دڙو سرڪاري طرح ”موئن جو دڙو“ بڻايو ويو. مطلب ته قومي ورثي سان هٿ چراند ٿيندي ته اها تاريخ سان هٿ چراند هوندي ۽ هٿ چراند واري اهڙي هٿ ٺوڪي تاريخ نئين نسل کي صحيح دڳ لائڻ بدران غلط راهه جو راهي ڪري سگهي ٿي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *