تازيون خبرون

فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ تي پ پ کان علاوه سڀ پارٽيون متفق…!

فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي پارلياماني پارٽين اتفاق راءِ ڪري ورتو آهي. فوجي عدالتون ٻن سالن لاءِ قائم ٿينديون ۽ انهن جي منظوري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان ورتي ويندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبرن شرڪت نه ڪئي. اجلاس دوران فوجي عدالتن جو مدو 3 بدران 2 سال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته پارلياماني اڳواڻن فوجي عدالتن جي ٻين نقطن تي به اتفاق ڪيو. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته فوجي عدالتن بابت سڀني پارٽين جو اجلاس ٿيو پر پيپلزپارٽي شرڪت نه ڪئي. اجلاس ۾ متفقه طور تي فوجي عدالتن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته پيپلزپارٽي 4 مارچ تي ٿيندڙ پنهنجي اي پي سي ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪندي ۽ فوجي عدالتن جي حمايت ڪندي. فوجي عدالتن ۾ واڌ جي لاءِ آئيني ترميم جي ضرورت آهي ان لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو ويندو ۽ اتي معاملي تي غور ڪيو ويندو.

شاهه محمود قريشي، جماعت اسلامي جي صاحبزاده طارق الله، عوامي نيشنل پارٽي جي حاجي غلام احمد بلور ، قومي وطن پارٽي جي آفتاب احمد شيرپائو، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار  چيو ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي غور جي لاءِ 8 اجلاس گهرايا آهن جن ۾ سڀني پارٽين پنهنجو موقف پيش ڪيو، دنيا ۾ دهشتگردن سان مقابلي جي لاءِ فورس جي صلاحيت وڌي وئي آهي، سڀني اتفاق ڪيو آهي ته فوجي عدالتون ڪو سٺو رستو نه آهي پر مجبوري آهي جنهن جي ڪري انهن جو مدو 2 سالن لاءِ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جنهن کانپوءِ اهي ڪيس دهشتگردي جي خاتمي وارين عدالتن ڏانهن منتقل ٿي ويندا. فوجي عدالتن جو قيام 7 جنوري 2017ع کان تصور ڪيو ويندو. دهشتگرد دهشتگرد هوندو آهي ان کي مذهب سان نه ڳنڍيو وڃي، رياست جي خلاف بندوق کڻندڙن جي خلاف ڪارروائي ڀلي ڪئي وڃي. اسان سمجهون ٿا ته هي معاملو بنيادي انساني حقن جي خلاف آهي پر مجبوري ۽ ضرورت تحت فوجي عدالتن جي حمايت ڪئي آهي.  هاڻي هي فوجي عدالتون آخري ڀيرو ڪم ڪنديون. اسان فوجي عدالتن جي معاملي تي حڪومت سان گڏ آهيون، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو. اسان فوجي عدالتن جي خدشن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪنداسين، حڪومت عدالتون بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا، اسان وزيراعظم جي حمايت کانپوءِ فوجي عدالتن جي بل جي حمايت ڪئي هئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *